Wednesday 10 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th August) By: Dr. Pathan


** 1840ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ميجر 
آئوٽرام هندستاني سرڪار کي ڄام آف لسٻيلا جي ا
يسٽ انڊيا ڪمپني بابت احساسن ۽ جذبات بابت رپورٽ پيش ڪئي.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي ڪليڪٽر
 ٽالپر خاندان جو شجرو تيار ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو
 ته مراد ٽالپر سڀني ٽالپرن جو والد هو، هن شجري 
۾ ڪورڪاڻي، ڪپاڻي ۽ ٻين ٽالپر پاڙن بابت تفصيل بيان ٿيل آهي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي دستور
 ساز اسيمبلي جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ 
ايسٽ پاڪستان مان 40 ميمبرن شرڪت ڪئي، 
جڏهن ته پنجاب مان 17، اين ڊبليو ايف پي مان 3،
 سنڌ مان 4 ۽ بلوچستان مان هڪ ميمبر شرڪت ڪئي، 
انهيءَ اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي جناح کي دستور
 ساز اسيمبلي جو صدر چونڊيو ويو،
 جڏهن ته مولوي تميز الدين نائب صدر ٿيو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سانگهڙ ضلعي 
جو قيام عمل ۾ آيو، ٿرپارڪر جي تعلقن سانگهڙ،
 سنجهورو، پٿورو ۽ نوابشاهه جي تعلقي شهدادپور
 کي سانگهڙ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هاري تحريڪ 
جي اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا عوامي ليگ
 جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان تي ڪيس هلائڻ 
تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت اڳرائي
 ڪري بدين ويجهو پاڪ بحريه جي جهاز تي 
ميزائل حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 آفيسرن
 سميت 16 جوان شهيد ٿي ويا، نيوي ۽ ايئرفورس
 جي عملدارن کي ٻن ڪلاڪن جي سرچ آپريشن کانپوءِ
 تباهه ٿيل جهاز جو ملبو مليو، ڀارت الزام هنيو ته اهو
 جهاز ڀارتي حدن ۾ داخل ٿيو، جڏهن ته پاڪستان چيو
 ته ڀارت اڳرائي ڪري پاڪستاني حدن ۾ موجود 
جهاز کي نشانو بڻايو آهي. پاڪستان احتجاج 
ڪندي ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس به طلب ڪيو.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين ۽ پاڪستان ۾ گوادر
 بندرگاهه منصوبي جي حوالي سان ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ اهو
 طئي ڪيو ويو ته چين بندرگاهه جي اڏاوت
 لاءِ پهرين مرحلي ۾ 20 ڪروڙ ڊالر ڏيندو.


No comments:

Post a Comment