Wednesday 17 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th August) By: Dr. Pathan


** 1840ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستاني حڪومت ميجر
 آئوٽرام کي هدايتون جاري ڪيون ته سنڌ جي
 حڪمرانن کي ڪنهن به فراڊ جي
 معاملي کان بچائڻ لاءِ يقيني قدم کنيا وڃن.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪيپٽن پوپ،
 ڪيپٽن فرينڪ ۽ شيخ علي حسين تي ٻڌل ڪاميٽي
ٺاهي وئي، جنهن کي اها ذميواري ڏني وئي
ته خيرپور جا ڪيترائي مير سبزل ڪوٽ ۽ روهڙي
 وچ ۾ قائم رياست جي علائقن جي مالڪي جي
دعويٰ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت اهي
 علائقا مير مراد علي خان ٽالپر جي قبضي هيٺ
آهن ۽ اهو ئي حڪمراني ڪري رهيو آهي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي الوحيد اخبار
 جمعيت العلماءِ سنڌ بابت لکيو ته اها جماعت
 مسجد منزل گاهه اشو تي مسلم ليگ
 سان سهڪار نه ڪري رهي آهي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
 جي قتل جي حوالي سان ڪميشن جي
رپورٽ کي پڌرو ڪيو ويو، جنهن
۾ ڪنهن کي به ذميوار نه ڄاڻايو ويو هو.
** 1953ع ۾ جنرل ايوب خان کي جنوري 1959ع
 تائين مدي ۾ واڌ ڏني وئي، هو فوج جو ڪمانڊر ان
چيف هو، ان کانپوءِ هن پاڪستان تي
اٽڪل هڪ ڏهاڪي تائين حڪومت ڪئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد
 ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو
 اعلان ڪيو ته ايمرجنسي جاري رهندي،
 پاڪستان چين ۽ ڀارت کي هڪ ٻئي جي
ويجهو آڻڻ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ترڪي
 ۾ آيل خوفناڪ زلزلي وڏي تباهي مچائي ڇڏي،
 1200 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿي پيا،
 جڏهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا.
 اهو زلزلو ريڪٽر اسڪيل تي 7.8 جي
 شدت سان رڪارڊ ڪيو ويو، 10 لک آبادي
 وارو شهر عظمت ڪجهه منٽن ۾ مٽيءَ جو دير ٿي ويو.
 هزارين عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون،
 زلزلي ۾ تاريخي شهر استنبول ۾ سخت متاثر ٿيو.
 ترڪي عالمي امداد جي اپيل ڪري ڇڏي
 ۽ اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment