Sunday 7 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (7th August) By: Dr. Pathan


** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر
 ۽ ايڊجنٽ جنرل آف آرمي بمبئي وچ ۾ ڦرلٽ ڪندڙ ماڻهن خلاف
 ڪارروائي جي حوالي سان فوج کي استعمال 
ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
** 1841ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي حڪمرانن سنڌ ۽ بيگاري
 ڪئنالن جي اڏاوت جي حوالي سان اڌ خرچ ڀرڻ 
تي راضپو ظاهر ڪيو، انهن جو چوڻ هو ته انهن 
ٻنهي ڪئنالن کي آبپاشي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل
 چارلس نيپيئر کي خط لکيو ته ميجر آئوٽرام بابت
 پنهنجون تجويزون پيش ڪري، جڏهن ته چارلس
 نيپيئر طرفان مختلف وقتن تي کنيل قدمن کي
 درست قرار ڏيندي انهن جي منظوري پڻ ڏني وئي،
 واضح رهي ته ميجر آئوٽرام چارلس نيپيئر جو سخت 
مخالف هو، هن سنڌ ۽ سنڌ جي حڪمرانن بابت چارلس
 نيپيئر جي پاليسي جي مخالفت ڪئي هئي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار طرفان
 جوڙيل ميڊيڪل بورڊ سنڌ جي ڪمشنر جي ان تجويز
 کي قبول ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته منهوڙا
 ۽ ڪياماڙي جي ڳوٺن جي
 رهواسين لاءِ علاج جا بندوبست ڪيا وڃن.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نصيرآباد ۾ سرائي
 سبز علي انگريزن جي حامي تنظيم امن سڀا جي 
شاخ کولي، هو انهيءَ شاخ جو صدر بڻايو ويو، 
جڏهن ته سيٺ نارومل ۽ سيٺ ايئل داس کي 
نائب صدر ۽ سيڪريٽري چونڊيو ويو،
 اهڙي طرح وڏيري محمد صديق وڳڻ عوامي گڏجاڻيون
 ڪوٺائڻ لاءِ هن تنظيم جي سدائين مدد ڪئي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ 
پبلڪ لائبريري قائم ڪرڻ ۽ ريڊنگ روم جي
 قيام لاءِ هندو ٽائون شپ پيپلز ايسوسيئيشن تنظيم 
طرفان شروع ڪيل مهم دوران سيٺ گدومل فتح 
چند ۽ سيٺ چيلارام ڏلومل وچ ۾ چندو ڏيڻ جي
 معاملي تي وڏو مقابلو ٿيو، ٻنهي وڌ کان وڌ چندو ڏنو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح
 ڪراچي پهتو، کيس پاڪستان جو گورنر جنرل بڻايو ويو.
** 1977ع  ۾ اڄوڪي تاريخ تي چوڌري اعتزاز احسن
 تحريڪ استقلال ۾ شامل ٿيو، جڏهن ته مير علي احمد ٽالپر،
 مير رسول بخش ٽالپر، عبدالحميد جتوئي ۽ حاجي
 مولا بخش سومرو پي اين اي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رئيس غلام مصطفيٰ
 جتوئي نگران وزيراعظم طور عهدي جو حلف کنيو.

No comments:

Post a Comment