Monday 22 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd August) By: Dr. Pathan



** 1849ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي مڪمل قبضي باوجود
 حڪومت کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو،
 سنڌ جي ماڻهن انگريز حڪومت خلاف پهرئين
 ڏينهن کان ئي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي،
 سخت مشڪلاتن سبب انگريزن ڪراچي جي
 ڪيمپ بازار کي غير محفوظ سمجهيو،
 اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي
 ڪمشنر کي هدايتون ڪيون ته اتي وڌيڪ پوليس
 دستا مقرر ڪيا وڃن پر سنڌ جي ڪمشنر 
بمبئي جي گورنر کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار
 وٽ ايترا فنڊ ناهن جو وڌيڪ فورس مقرر ڪري سگهجي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمشيد مهتا ۽ تولاڻي 
ڪراچي ميونسپالٽي ايڪٽ ۾ ترميمون تجويز ڪيون، 
جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي ميونسپالٽي 
۾ سکن کي به نمائندگي ڏني وڃي، تولاڻي 2 
سيٽون ۽ جمشيد مهتا سکن لاءِ هڪ سيٽ
 رکڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ميران محمد شاهه،
 مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله انهن
 ترميمن جي مخالفت ڪري ڇڏي، 
جنهن ڪري اهي ترميمون رد ٿي ويون.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان 
افغانستان سان ڇڪتاڻ سبب جلال آباد 
۽ قنڌار ۾ پنهنجا قونصل خانا بند ڪري ڇڏيا.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي والاريل ڪشمير
 ۾ ڀارتي فوج جا 116 اهلڪار مارجي ويا،
جنهن تي ڀارت سخت احتجاج ڪيو، ڀارتي وزيراعظم
 شاستري اهو الزام پاڪستان تي لڳايو ۽ پاڪستان
 کي ڌمڪي ڏني ته هو پاڪستان تي حملو ڪري سگهن ٿا،
 واضح رهي ته انهيءَ واقعي کانپوءِ
  اڳتي هلي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي وئي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت 
گلگت ۽ بلتستان ۾ پراڻي دور کان
 هلندڙ شاهي روايتن کي ختم ڪري ڇڏيو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان 
۾ آمريڪي ميزائل ڪرڻ جو غلط اطلاع ڏيندڙ 
آءِ بي سربراهه چوڌري منظور کي عهدي تان هٽايو ويو، 
جڏهن ته سرحد (ڪي پي ڪي) جي چيف سيڪريٽري
رستم محمد کي به بدلي ڪيو ويو. ٻنهي عملدارن اطلاع ڏنو
 هو ته آمريڪا جو ميزائل پاڪستان ۾ ڪريو آهي،
 جنهن تي پاڪستان آمريڪي عملدار کي طلب ڪري
 احتجاج ڪيو هو، بعد ۾ جاچ  ڪرڻ تي خبر پئي ته 
آمريڪا جو ڪوبه ميزائل پاڪستان جي علائقي ۾ نه ڪريو آهي.

No comments:

Post a Comment