Saturday 6 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th August) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل 
سنڌ جي گورنر کي هدايت جاري ڪئي ته ٽن قلعن گٽوراهه،
 شاهه ڳڙهه ۽ گڙيسا جو ڪنٽرول هز هائينس 
مير علي مراد خان ٽالپر حوالي ڪيو وڃي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن خلاف
 جدوجهد ڪندڙ خلافت ڪاميٽي جي ڏنل سڏ جي موٽ 
۾ ميرو خان ۾ وڌيڪ ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن
 نوڪريون ڇڏي ڏنيون، انهن ۾ پوليس اهلڪار الهڏنو،
وڏيرو لطف علي خان، وڏيرو رسول بخش خان، 
وڏيرو يار علي خان، وڏيرو محمد بچل تنيو ۽ ٻيا شامل هئا،
 ڪيترن ئي ملازمن اسڪول بورڊ ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏني.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي احتجاج 
طور مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو ۽ 
پارٽي ميمبرن کي هدايت ڪئي وئي ته
 ڪوبه اڳواڻ چونڊن ۾ حصو نه وٺي.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائد اعظم محمد علي جناح
 بمبئي ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته 
ورهاڱي جي حوالي سان اسان حتمي معاهدي طرف وڃي
 رهيا آهيون.سموري تياري مڪمل وئي آهي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي
 سيڪريٽري لياقت علي خان اعلان ڪيو ته
 جيڪڏهن مرڪز ۾ ڪانگريس جي حڪومت
 ٺاهڻ جا امڪان پيدا ٿيا ته اهو مسلم ليگ لاءِ هڪ
 سگنل هوندو ته اها پنهنجو ڊائريڪٽ ايڪشن 
ڊي جو پروگرام شروع ڪري، اسان مرڪز ۾
 ڪانگريس جي حڪومت جي قيام جي مخالفت ڪنداسين.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لياقت علي خان پنهنجي
 خاندان جي ماڻهن سان گڏ ڀارت مان خصوصي جهاز
 ۾ ڪراچي پهچي ويو. هن هندستان مان لڏي ايندڙ ماڻهن
 کي سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ آباد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميجر جنرل اسڪندر مرزا
 کي ملڪ جو وقتي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو،
 جڏهن ته ملڪ غلام محمد کي موڪل تي روانو ڪيو ويو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو
 جي تحفظ جو حڪم جاري ڪيو.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر غلام اسحاق خان
 اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون  ۽ بينظير ڀٽو جي حڪومت 
کي برطرف ڪري ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي،
 جڏهن ته رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي کي
 نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو اليڪشن 
ڪميشن جي انهيءَ فيصلي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، 
جنهن ۾ چيو ويو ته چونڊن ۾ هر پولنگ تي ووٽ ڏيڻ لاءِ
 شناختي ڪارڊ لازمي طور پيش ڪرڻو پوندو.

No comments:

Post a Comment