Thursday 25 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th August) By: Dr. Pathan



** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر ۽ ليفٽيننٽ ميڪسن
 وچ ۾ سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙا هلائڻ جي حوالي سان معاملي تي غور
 ويچار ٿيو، ڪرنل پوٽينجر جو خيال هو ته روڊ رستي کان
 وڌيڪ سنڌوءَ رستي اچ وڃ ڪرڻ بهتر رهندو، سنڌوءَ ۾
 ڪابه ٻيڙي هلائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان خاص اجازت وٺڻي پوندي.
** 1840ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي ڪوئيٽا ۾ مقرر
 اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ لو ڊي کي بروهي قبيلي جي
 ماڻهن اغوا ڪري ورتو ۽ اها ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن
 سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته کيس قتل ڪيو ويندو، 
هنن انگريز عملدار کي اهو به چيو ته توهان جي مير نصير خان
 کي لکيل خطن اسان جي دل آزاري ڪئي آهي.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني
 حڪومت جي جوڙيل سيڪريٽ ڪاميٽي جي خط جي 
ڪاپي چارلس نيپيئر کي موڪلي وئي ته جيئن هو حيدرآباد ۾
 ملڪيتون تحفي طور ڏيڻ جي حوالي سان رهنمائي حاصل ڪري.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ڪليڪٽر
 سيٺ نائومل بابت رپورٽ تيار ڪري ورتي، جنهن ۾ چيو
 ويو ته سندس ڪيس جو فيصلو ملٽري ٽربيونل ڪيو هو،
 هن کي دفاع جو موقعو ئي نه ڏنو ويو، ان معاملي جي 
وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ نائومل کي پنهنجي دفاع لاءِ موقعو ڏنو وڃي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار هندستان
 مان آيل مهاجرن جي بحالي لاءِ ملڪ ۾ مهاجر ٽيڪس 
لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ صوبن کي چيو ويو ته
 هن معاملي جي حل لاءِ مدد ڪئي وڃي.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايف آر سي قانون ٻيهر
 لاڳو ڪرڻ تي بلوچستان جي سياسي جماعتن ڳڻتي ظاهر
 ڪئي، بلوچ اڳواڻن انهيءَ قدم جي مخالفت ڪئي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انٽرنيشنل ڪميشن آف 
جيورسٽس اي ڪي بروهي کي شيخ مجيب
 الرحمان جو وڪيل مقرر ڪرڻ جي ساراهه ڪئي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏکڻ ڪوريا جي 
اڳوڻي صدر کي موت ۽ سندس جانشين کي 22 سال 
قيد جي سزا ٻڌائي وئي، اڳوڻي فوجي سربراهه چنارو
 وان کي 1979ع جي فوجي بغاوت ۽ ڪرپشن جي
 ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي، هن جمهوريت
 پسندن سوين مظاهرين جو قتلام ڪرايو هو.
 ساڳئي ڪيس ۾ ٻين فوجي آفيسرن کي 14 کان 18 سال قيد جي سزا به ٻڏائي وئي.

No comments:

Post a Comment