Monday 22 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd August) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر 
پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي پنهنجي حڪومت 
طرفان چيو ويو ته لاڙڪاڻي مان سنڌ جي حڪمرانن
 کان اناج خريد ڪيو وڃي، ڇو ته لاڙڪاڻي ۾ برطانوي
 فوج جا دستا پهچي رهيا آهن، جن کي اتي ترسايو ويندو.
 اناج جو بندوبست اڳواٽ ٿيڻ گهرجي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ميونسپالٽي ۾ مزدور
 تنظيمن ۽ واپارين کي نمائندگي ڏيڻ جي حوالي سان 
تجويز تي بحث شروع ڪيو ويو، ميونسپالٽي ايڪٽ ۾
 اها ترميم تجويز ڪئي وئي ته ميونسپالٽي ۾ رجسٽرڊ پورهيت
 يونينز جي اڳواڻن جون ٻه کان ٽي سيٽون رکيون وڃن،
 جمشيد مهتا چيو ته هو فيڊريشن آف ليبر يونين ڪراچي
 جو صدر  رهيو آهي، ان ڪري اها تجويز ڏئي ٿو
 ته ميونسپالٽي ۾ مزدور ۽ واپاري اڳواڻن کي نمائندگي ڏيڻ
 لاءِ لڳل پابندي ختم ڪئي وڃي، اهي پنهنجن ماڻهن جي
 نمائندگي صحيح نموني ڪري سگهن.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي
 وائسراءِ سان سمورين رياستن جي شهزادن
 ملاقات ڪئي ۽ فيڊرل پلان بابت ڳالهيون ڪيون.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالقيوم خان
 ۽ سندس ڪابينا جي ميمبرن اين
 ڊبليو ايف پي اسيمبلي ۾ حلف کڻي ورتو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تڪراري ون
 يونٽ بل پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسلام آباد يونيورسٽي 
جو نالو تبديل ڪري قائداعظم يونيورسٽي رکيو ويو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ 
الائنس جي اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا،
 جي ڊي اي پاران غيرجمهوري رويي جي الزام ۾ عمران خان 
۽ طاهرالقادري جماعتن کي اتحاد مان خارج ڪيو ويو،
 اجلاس جي صدارت مخدوم امين فهيم ڪئي هئي،
جنهن ۾ نوابزاده نصرالله خان به شرڪت ڪئي،
 ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته عوامي رابطا مهم به شروع ڪئي ويندي.

No comments:

Post a Comment