Sunday 14 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th August) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر
 پنهنجي سرڪار کي رپورٽ موڪلي ته سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن 
۽ لغارين وچ ۾ اختلاف شروع ٿي ويا آهن.ان حوالي سان 
هدايتون جاري ڪيون وڃن ته اسان کي
 ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت تحريڪ ۾ حصو
 وٺندي جيل موڪليل رتيديري جي
 اڳواڻ امل سنگهه کي آزاد ڪيو ويو.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اتحاد پارٽي
 جي اڳواڻن جي گڏجاڻي سر حاجي عبدالله هارون
 جي رهائشگاهه تي ڪراچي ۾ ٿي گذري،
 جنهن ۾ پارٽي جي آئين، ضابطن ۽ قاعدن تي بحث ڪيو ويو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي نالي
 سان نئون ملڪ دنيا جي نقشي تي سامهون آيو،
 جنهن لاءِ مسلمانن ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون، 
قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو پهريون 
باني گورنر جنرل ٿيو، پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ
 وڏو ڪردار ادا ڪيو، سڀ کان پهرين سنڌ 
اسيمبلي پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو، 
جيڪو سائين جي ايم سيد طرفان پيش ڪيو ويو هو،
 جڏهن ته پاڪستان جي باني جناح جو تعلق پڻ
 سنڌ سان هو، آل انڊيا مسلم ليگ جو پهريون
 ۽ آخري اجلاس پڻ ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو، 
آل انڊيا مسلم ليگ جو باني صدر سر آغا خان به سنڌ ڄائو هو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئون متفقه آئين
 لاڳو ڪيو ويو، ملڪ جي پهرين متفقه آئين 
تحت ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ۽ چوڌري
 فضل الاهي صدر مملڪت طور عهدن جو حلف کنيو.
 واضح رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي دور
 ۾ اتفاق راءِ سان آئين منظور ڪرايو ويو.

No comments:

Post a Comment