Saturday 20 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th August) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز
 سرڪار پنهنجي عملدار ڪرنل پوٽينجر کي هدايت
 جاري ڪئي ته سنڌ جي حڪمرانن سان هلندڙ ڳالهين 
جي حوالي سان نتيجن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ اها 
به تجويز پيش ڪئي وڃي ته فوجي دستن کي ڪهڙي 
وقت تي سنڌ ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته سنڌو
 درياءَ کي ٽرانسپورٽ جي حوالي سان اهڙي 
ريت ٺٽي وٽ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر
 جنرل سنڌ جي فوج ۽ اتان جي سياسي
 معاملن بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪيون.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا طرفان 
ترڪي تي فتح حاصل ڪرڻ بعد سنڌ جي
 اپر ڪلاس سان تعلق رکندڙ ماڻهن بمبئي 
سرڪار کي مبارڪباد وارا پيغام موڪليا،
 تعلقي لوڪل بورڊ جيمس آباد جي نائب صدر
 ڪوڙو مل، جيمس آباد جي اهم شخصيت
 مکي گنو مل ۽ پرسرام ڀمڀو 
مل انگريز حڪومت کي مبارڪباد ڏني.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روهڙي ۾ حڪومت
 جي حامي جماعت امن سڀا جي شاخ کولي وئي، 
سيد علي اڪبر شاهه کي ان جو صدر چونڊيو ويو،
 جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ سيٺ چندي رام، هسانند،
 راڌا ڪرشن ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا، اها تنظيم خلافت
 تحريڪ کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ لال 
چند امر ڏنو لال جڳتياڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي 
جي زندگي، ڪاميابين ۽ سندس شاعري بابت
 ڪلاس هلائڻ شروع ڪيا، ان حوالي سان
 پريم منڊلي ڪراچي شام جو هلندڙ اسڪول ۾ انتظام ڪيا ويا.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪائونسل مسلم ليگ
 شملا معاهدي کي رد ڪندي چيو ته اهو معاهدو
 پاڪستان جي نظرياتي سوچ خلاف آهي،
 اسان ان معاهدي کي قبول نه ٿا ڪريون،
 واضح رهي ته 1971ع ۾ پاڪ-ڀارت وچ 
۾ ٿيل جنگ کانپوءِ معاملا حل ڪرڻ لاءِ
 شملا معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اهم ڪردار ادا ڪيو.

No comments:

Post a Comment