Friday 26 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th August) By: Dr. Pathan




** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل 
پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي خط لکي درخواست ڪئي
 ته ڀڄ ۾ قيد ڪيل رياستي قيدي راڻا آف پارڪر کي 
مشروط طور آزادي ڏني وڃي، شرط اهو رکيو وڃي
 ته هو ڪڇ يا سنڌ ۾ وڌيڪ نه ترسندو، هن وڌيڪ اهو
 به ٻڌايو ته مير نور محمد خان ٽالپر جي حڪم تي راڻا 
جڳت سنگهه جي 8 مائٽن کي آزاد ڪيو ويو آهي.
** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر بمبئي سرڪار
 کي درخواست ڪئي ته سنڌ لاءِ فورس تيار ڪئي وڃي.
** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊس فلوٽيلا ٻيڙي جي
 ڪمانڊر سنڌ جي ڪمشنر کي آگاهي ڏني ته گورنر جنرل 
ان تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو 
ته ڪراچي ۽ ملتان وچ ۾ ٻيڙين ذريعي آمدرفت شروع ڪئي وڃي.
** 1856ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سڀني ڪليڪٽرن
 کي هدايتون جاري ڪيون ته اهي سنڌ ۾ 
5 سيڪڙو لوڪل فنڊ سيس لاڳو ڪن.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي گورنر جنرل
 هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ۽ حڪومت کي هندستان مان
 آيل مهاجرن جي جلد بحالي لاءِ هنگامي
 بنيادن تي قدم کڻڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي تعليم واري
 وزير قاضي محمد اڪبر اعلان ڪيو ته صوبي 
۾ لازمي پرائمري تعليم لاڳو ڪئي ويندي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير علي محمد شاهه
 راشدي ۽ آءِ آءِ چندريگر وفاقي وزيرن طور
عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راولپنڊي
 ويجهو اسلام آباد ۾ ملڪ جو گادي وارو شهر
 اڏڻ لاءِ حڪومت 2 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت پاڪستان سان
 ڳالهين لاءِ اهو شرط رکيو ته جيستائين بنگلاديش کي
 تسليم نه ڪيو ويندو، تيستائين ڳالهين جو عمل اڳتي نه وڌايو ويندو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت 
لکين بهارين کي قبول ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو



No comments:

Post a Comment