Thursday 25 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th August) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر
 پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي 
اطلاع ڏنو هو جلد خيرپور وڃي رهيو آهي، 
جتي هو حڪمرانن سان رابطو ڪري بکر وارو قلعو
 ڏيڻ جو مطالبو ڪندو،  ڇوته بکر وارو قلعو اسان 
جي فورسز لاءِ اهم جاءِ آهي، هتان اسان جون
 فورسز درياءَ ذريعي قنڌار وڃي سگهن ٿيون ۽ 
هتان کان ويهي افغانستان سان مواصلاتي رابطو به قائم رکي سگهجي ٿو.
** 1843ع ۾ سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر پنهنجي 
حڪومت کي سنڌ ۾ ڪورٽ مارشل جي لاڳو ڪيل
 نظام بابت آگاهه ڪيو، هن لکيو ته سنگين  ڏوهن 
۾ ملوث قيدين کي سخت سزائون ڏنيون وينديون ۽
 انهن کي برطانوي فوجي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو،
 واضح رهي ته ان وقت سنڌ ۾ ڪوبه 
عدالتي نظام قائم نه ڪيو ويو هو.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سياستدانن نگران 
حڪومت جي معاملي تي ردعمل جو اظهار ڪيو،
 ماسٽر تارا سنگهه نگران حڪومت تي اطمينان جو
 اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت ۾ هندستان
 جون وڏيون پارٽيون نمائندگي رکن ٿيون، جڏهن 
ته ڊاڪٽر بي آر امبردڪر نگران حڪومت کي 
تيستائين قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، 
جيستائين شيڊيول ڪاسٽ کي نمائندگي نه ڏني ويندي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل محمد علي جناح 
هندستان مان ايندڙ مهاجرن جي 
پاڪستان ۾ آبادڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميان جعفر
 شاهه کي مسلم ليگ جي پارلياماني ڪاميٽي
 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، ڇاڪاڻ ته
 هو ون يونٽ واري معاملي جي مخالفت ڪري رهيو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صحت جي 
اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر نصير شيخ ۽ فيڊرل
 سيڪيورٽي فورس جي ڊي جي مسعود محمود کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي 
عدالت آمريڪي شهرين خلاف پرتشدد 
ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جي هڪ ڪيس
 ۾ اسامه بن لادن تي فردجرم لاڳو ڪري ڇڏيو، 
عدالت کي ٻڌايو ويو ته اسامه بن لادن دهشتگردن
 جي مالي مدد ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف آمريڪا
اسامه جي معاملي تي ملا عمر جي 
حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ تي راضپو به ڏيکاريو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت
 اسلامي حڪومت خلاف تحريڪ جو آغاز
 ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان لاهور ۾ پهريون 
مظاهرو ڪيو ويو، تحريڪ جو اعلان قاضي حسين احمد ڪيو.

No comments:

Post a Comment