Sunday 28 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th August) By: Dr. Pathan




** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدارن اي ينگ،
 رچرڊسن، ليسٽر ۽ ڊڪسن حڪومت توڙي هارين جي وچ 
۾ فصل جي بٽائي جي حوالي سان نظام جو خاڪو تيار ڪيو 
۽ سنڌ جي ڪمشنر کي درخواست ڪئي ته
 اهو نظام صوبي ۾ متعارف ڪرايو وڃي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن لاءِ
 اهم سياسي سرگرميون شروع ٿيون، سنڌ خلافت 
ڪاميٽي طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جو
 مقصد انگريزن خلاف شروع ڪيل عدم تعاون تحريڪ 
بابت راءِ عامه جوڙڻ هو، جڏهن ته اسپيشل سنڌ صوبائي
 ڪانفرنس پڻ حيدرآباد ۾ شروع ٿي، 
جنهن ۾ ناليوارن اڳواڻن شرڪت ڪئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان 
جي صدارت ۾ مهاجر ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي، جنهن
 ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ ترسيل اٽڪل 2 لک
 مهاجرن کي اتان جي ڪئمپن مان سنڌ منتقل ڪيو ويندو.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب حڪومت اڳوڻي
 وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل ڪيس ۾ ڊي ايس پي
 خان نجف خان خلاف چارج شيٽ پيش ڪري ڇڏي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو
 کي خطي ۾ بهتر خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ ريجنل
 ڪوآپريشن ڊولپمينٽ لاءِ ڪم ڪرڻ تي شاهه ايران طرفان
 آرڊر آف همايون اعزاز سان نوازيو ويو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هڪ وڏي ٻوڏ کي
 منهن ڏنو، سنڌو ۾ آيل ٻوڏ سبب سوين ڳوٺ ٻڏي تباهه ٿي
 ويا ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿي ويا،
 انهيءَ ٻوڏ ۾ سنڌ جي ماڻهن وڏي تباهي کي منهن ڏنو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ کي
 اسلامي تعليمات مطابق هلائڻ لاءِ  شرعي قانون 
لاڳو ڪرڻ خاطر آئين ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي
 ۾ پيش ڪيو ويو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو
 ته عالمي برادري شڪ نه ڪري، اسان ملڪ ۾ قرآن 
۽ سنت جو قانون لاڳو ڪيو آهي. ان موقعي تي هن 
اڳوڻي چيف جسٽس سجاد علي شاهه
 ۽ اڳوڻي صدر فاروق لغاري تي تنقيد ڪئي.

No comments:

Post a Comment