Monday 8 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th August) By: Dr. Pathan




** 1854ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ ملتان وچ ۾ اٺ 
واري ٽرين شروع ڪئي وئي، اها ريل گاڏي شروع ۾
 صرف ٽپال لاءِ استعمال ڪئي وئي،
 جيڪا ڪراچي کان وايا ڪوٽڙي، حيدرآباد، سيوهڻ،
 لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد،
 سبزل ڪوٽ ۽ بهاولپور کان ٿيندي ملتان پهچندي هئي،
 هر 11 ميلن کانپوءِ ٽرين جا اٺ تبديل ڪيا ويندا هئا.
ٽرين ۾ انجڻ جي جاءِ تي اٺ هوندا هئا.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ماڻهن کي
 پشاور پهچائڻ لاءِ ٽئين خاص ريل گاڏي پشاور پهچي وئي،
 واضح رهي ته هجرت تحريڪ دوران
 وڏي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ مان افغانستان ويا.
** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر جي ڪانگريسي اڳواڻ
 ۽ روزاني ساوراج جي ايڊيٽر واليچا کي سرڪار
 طرفان شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو،
 هن پنهنجي اخبار ۾ ڪانگريس جي هڪ اپيل شايع ڪئي هئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا هندو مهاسڀا جو 13 
هون سيشن ڀارت جي شهر اڪولا ۾ ٿيو، جنهن ۾
 سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روزاني الوحيد
 پنهنجن ايڊيٽوريلز ۾ سنڌي مسلمانن کي صلاح ڏني 
ته مسجد منزل گاهه جي بحالي لاءِ شروع
 ڪيل تحريڪ ۾ وڌ ۾ وڌ حصو ورتو وڃي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صحافتي تنظيم پاڪستان
 فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت ون يونٽ واري
 معاملي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ ويسٽ پاڪستان
 اسيمبلي ۾ پنجاب جون 40 سيٽون رکيون ويون.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي 
اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان ايسٽ پاڪستان حڪومت 
جي واپار واري وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 پهريون ڀيرو چيو ته سندس جان کي خطرو آهي،
 پرڏيهي قوتون کيس هٽائڻ چاهين ٿيون،
 مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي کي مسئلا حل ڪرڻ
 جي آڇ ڪندي هن چيو ته اختلاف 
ختم ڪري ملڪ کي اڳتي وڌايو وڃي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو پنهنجي
 جمهوري حڪومت جي برطرفي جو سڌو الزام فوج تي لڳايو.

No comments:

Post a Comment