Thursday 4 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th August) By: Dr. Pathan



** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش
 سومرو جي صدارت ۾ نئين دهلي ۾ دي بورڊ آف دي
 انڊپينڊنٽ مسلم (آزاد) ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو، 
جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي حوالي سان معاملن تي 
غور ويچار ڪيو ويو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوجي قيادت پنجاب 
بائونڊري فورس کي صوبي جي 12 ضلعن ۾ امن
 امان جي حالتون سڌارڻ جي ذميواري ڏئي ڇڏي، 
جتي ڪجهه ڏينهن کان گڙٻڙ پيدا ٿي وئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سياسي اڳواڻ
 عبدالصمد اچڪزئي کي حڪومت
 گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستاني حڪومت 
ملڪ جي قومي تراني جي منظوري ڏني، جيڪو
 حفيظ جالنڌري لکيو هو، جڏهن ته ان جي موسيقي
 سنڌ جي ناليواري موسيقار احمد چاگلا ڏني، چاگلا 
جو تعلق ڪراچي سان هو، جڏهن ته حفيظ جالنڌري
 ڪيتري ئي عرصي تائين خيرپور رياست ۾ درٻاري شاعر رهيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت عورتن 
جي حقن لاءِ قائم ٿيل وومين رائيٽس 
ڪميشن ۾ فيملي لاز تحت ترميمون ڪيون.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ايوب خان 
جي حڪومت ملڪ ۾ چونڊن جو نئون  فارمولو
 سامهون آندو، هن اعلان ڪيو ته هاڻي عام ماڻهو
 ووٽ ذريعي پنهنجو نمائندو نه چونڊيندو پر بلدياتي
 ادارن جا 80 هزار ميمبر صدر ۽ پارليامينٽ 
جي ميمبرن جي چونڊ ڪندا، انهن چونڊن
 کي بي ڊي اليڪشن به چيو ويندو آهي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان گڏيل
 قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان تجويز کي
 قبول ڪري ورتو، جنهن ۾ اهو چيو ويو هو ته 
ايسٽ پاڪستان ۽ هندستان جي بارڊر تي پناهگيرن 
لاءِ يو اين هاءِ ڪميشن جا نمائندا مقرر ڪيا وڃن.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شملا معاهدو
 باضابطا طور تي لاڳو ڪيو ويو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محترمه بينظير ڀٽو 
سميت پي ڊي اي جي اڳواڻن سڄي ملڪ ۾ ٽوڪن
 بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي، پي ڊي اي 
اڳواڻن جو چوڻ هو ته آءِ جي آءِ جي حڪومت 
سياسي انتقامي ڪارروائي تي لهي آئي آهي.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايل او سي
 تي ڀارتي فائرنگ ۽ گوليباري ۾ وڌيڪ 7
 پاڪستاني شهيدٿي ويا، 19 ڀارتي فوجي به
 ماريا ويا، پاڪستان ڀارتي جارحيت جي مذمت
 ڪندي دشمن فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

No comments:

Post a Comment