Tuesday 16 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th August) By: Dr. Pathan



** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر هندستان جي 
گورنر جنرل کي مير مراد علي خان ٽالپر جي حمايت
 ڪرڻ جا سبب ٻڌايا، هن آگاهي ڏيندي چيو ته مير
 رستم خان کين صحيح نموني مان نه ڏئي رهيو آهي، 
هو چاهي ٿو ته سندس پٽ کي رئيس بڻايو وڃي،
 جڏهن ته مير مراد علي خان ٽالپر اسان سان تعاون
 ڪري رهيو آهي.اهو ئي سبب آهي ته اسان مير
 مراد علي خان ٽالپر جي حمايت ڪري رهيا آهيون.
** 1846ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر 
سڀني کاتن جي آفيسرن کي حڪم جاري ڪيو 
ته ماڻهن کان جبري پورهيو ڪرائڻ کان پاسو
 ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به رٿا يا ڪم
 ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هوم رول 
ليگ طرفان پابندي باوجود جلوس ڪڍڻ تي پوليس
 جي ڊي ايس پي ليگ جي صدر جمشيد مهتا،
 پروپيگنڊا سيڪريٽري ماڙي والا ۽ 
سيڪريٽري ائير کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس
 اڳواڻ سڀاش چندرا بوس قائد اعظم محمد علي جناح
 جي اجازت سان جناح ۽ هن جي وچ ۾
 ٿيل لکپڙهه جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مسلم ليگ 
طرفان ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ ڏهاڙو ملهايو ويو.
اهو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد مسلم ليگ طرفان 
پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ هو، 
جڏهن ته ڪانگريس ۽ برطانوي انگريز سرڪار
 سان اختلاف ظاهر ڪرڻ هو. عوام کي اهو ٻڌائڻو
 هو ته مسلم ليگ ڪانگريس ۽ برٽش 
سرڪار جي خيالن جي حمايت نٿي ڪري.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وڏي وزير ايوب کهڙي
 ۽ سندس ڪابينا حلف کڻي ورتو، ايوب کهڙو 
جي ڪابينا ۾ پير الاهي بخش، 
مير غلام علي ۽ قاضي فضل الله شامل هئا.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قلات
 رياست ۾ اسلامي قانون لاڳو ڪيا ويا.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان
 لنڊن ۾ ٿيل سوئز ڪئنال جي تڪرار وارين
 ڳالهين ۾ حصو ورتو، سوئز ڪئنال تڪرار
 تي ڪميونسٽن ۽ ڪيپيٽل بلاڪ جي ماڻهن
 ۾ ڳالهيون شروع ٿيون هيون، هن معاملي جو ا
فغانستان ۽ بلوچستان سان به تعلق جڙي رهيو هو،
 ان ڪري پاڪستان به ڳالهين ۾ شوليت اختيار ڪئي.


No comments:

Post a Comment