Thursday 11 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th August) By: Dr. Pathan



** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سڀني ضلعي
 ڪليڪٽرن کي هدايتون جاري ڪيون ته پنهنجن پنهنجن ضلعن
 ۾ موجود قديم جاين ۽ ثقافتي ماڳن بابت معلومات گڏ ڪري موڪلي وڃي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان شايع 
ٿيندڙ اخبار روزاني الوحيد پنهنجن ايڊيٽوريلز ۾ جمعيت
 علماءِ سنڌ جي مسجد منزل گاهه بحالي جي حوالي سان
 تحريڪ تي مسلسل لکيو، واضح رهي ته مولانا محمد صديق 
کڏي وارو ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي تحريڪ جي حق ۾ نه هئا، 
انهن جي خواهش هئي ته ان معاملي کي سياسي طور حل 
ڪيو وڃي، جڏهن ته اهي مسجد 
جي بحالي جو مطالبو پڻ ڪري رهيا هئا.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مٽياري ۾
 خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ مسلم ليگ 
ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ سنڌ 
جي ناليوارن مسلم ليگي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس
 جي صدر پنڊت جواهر لعل نهرو کي انگريز 
وائسراءِ مرڪز ۾ نگران حڪومت ٺاهڻ جي
 دعوت ڏني، جڏهن ته محمد علي جناح ڪانگريس 
ڪاميٽي جي ٺهراءُ تي تنقيد ڪئي، 
هن چيو ته اهڙو ٺهراءُ 10 آگسٽ تي پڻ پاس ڪيو ويو هو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار 
خان جي ڪيترن ئي حامين کي اين ڊبليو ايف پي 
جي وڏي وزير خان عبدالقيوم خان جي
 حڪم تي پوليس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان
 ۾ پهرين گهر شماري جو باضابطه آغاز ٿيو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين پاڪستان
 کي 30 هزار ٽن اسٽيل، هڪ لک ٽن ڪوئلو
 ۽ 15 هزار ٽن سيمينٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان 
ڊيموڪريٽڪ موومينٽ کي ختم ڪيو ويو.
** 1990ع ۾ اُڄوڪي تاريخ تي نواز شريف
 جي حڪومت بينظير ڀٽو دور ۾ شروع ٿيل پيپلز
 ورڪ پروگرام کي بند ڪري ڇڏيو، هن الزام
 لڳايو ته پ پ حڪومت هن پروگرام ذريعي
 پنهنجن ويجهن ماڻهن کي نوازيو اهي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٿيل آل
 پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ 23 مخالف ڌر
 جي جماعتن يڪراءِ مطالبو ڪيو ته ملڪ
 ۾ فوري طور نيون چونڊون ڪرايون وڃن،
 ان لاءِ غيرجانبدار نگران حڪومت جوڙي وڃي.
 ان وقت وزيراعظم نواز شريف هو.

No comments:

Post a Comment