Wednesday 24 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th August) By: Dr. Pathan




** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر ۽
 ڪمانڊر ان چيف وچ ۾ اختلاف پيدا  ٿي ويا، ليفٽيننٽ ڪرنل
 موسلي خلاف جاچ ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي پيدا ٿيل تڪرار
 ختم ڪرائڻ لاءِ هندستان جي گورنر جنرل کي مداخلت 
ڪرڻي پئي، جنهن ٻنهي ڄڻن کي هدايتون جاري ڪيون
 ته اختلاف فوري طور ختم ڪيا وڃن، واضح رهي
 ته چارلس نيپيئر جا پنهنجي آفيسرن سان هميشه تڪرار رهيا، 
ان انگريزن جي اهم آفيسر ميجر آئوٽرام سان پڻ ڪيتري
 ئي عرصي تائين اختلاف رکيا، جنهن ڪري ميجر آئوٽر
ام سندس خلاف مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل پڻ لکيا.
** 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي جج ايڊووڪيٽ 
جنرل ڪراچي جي ڪليڪٽر کي حڪم جاري ڪيو
 ته سيٺ نائومل جي حوالي سان انڪوائري ڪرائي وڃي، 
سيٺ نائومل ميجر آئوٽرام جو دوست هو ۽ هن انگريزن 
جي سنڌ تي قبضي ۾ وڏي مدد ڪئي، ميجر آئوٽرام سان
 دوستي سبب چارلس نيپيئر نائومل جي سدائين مخالفت ڪئي،
 جڏهن ته چارلس نيپيئر سيٺ نائومل خلاف 
ڪارروائي جي پڻ سفارش ڪئي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت مان ايندڙ
 پناهگيرن مٿان ساهيوال وٽ مڇريل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، 
جنهن جي نتيجي ۾ 5 پناهگير قتل ۽ 7 زخمي ٿي پيا،
 جڏهن ته لڏپلاڻ دوران سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه واقعو پيش نه
 آيو پر سنڌين ڀارت مان ايندڙن کي
 کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙا فراهم ڪيا.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي اڳوڻي
 وزيراعظم محمد علي بوگرا کي آمريڪا ۾ 
سفير مقرر ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته ورهاڱي کانپوءِ
 پاڪستان طرفان ڪنهن به سفير جي هيءَ پهرين مقرري هئي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير غلام علي ٽالپر ۽
حاجي مولا بخش سومرو ريپبليڪشن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ڍاڪا 
۾ صدارتي چونڊ جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو 
ته مون کي يقين آهي ته مان ئي صدر چونڊيو ويندس.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان جي بادشاهه 
ظاهر شاهه پختونن جي ڌار وطن پختونستان جي قيام واري
 جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا مفتي محمود 
ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جو ٻيهر چونڊجي 
اچڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو.


No comments:

Post a Comment