Wednesday 31 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd September) By: Dr. Pathan




** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ تي قبضي کانپوءِ 
برطانيا جي نئين حڪومت مختيارڪارن جون نيون
 مقرريون ڪيون، نائومل جي ڀاءُ سکرام داس کي
 گهوڙاٻاري جو مختيار ڪار، ديوان چنديرام کي
 سيوهڻ جو مختيار ڪار، ديوان پوهومل کي مختيارڪار
 لڪي شاهه صدر، ديوان ڄيٺمل کي مختيار ڪار مانجهند،
 منشي لال چند کي مختيار ڪار جهرڪ، آسومل منشي 
کي مختيار ڪار ٺٽو ۽ ڀيرومل کي
 مختيار ڪار ساڪرو مقرر ڪيو ويو.
** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي  اڳوڻي 
حڪمران هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپر کي انگريز
 حڪمرانن طرفان اڻوڻندڙ ورتاءُ کي منهن ڏيڻو پيو، اڳوڻي وزير 
شيخ علي حسن کي همٿايو ويو ته هو مير علي مراد خان
 بابت پٽيشنون داخل ڪري، جڏهن ته شڪارپور جي
 ڪليڪٽر کي اها ڊيوٽي ڏني وئي ته هو
 شيخ علي حسن کي گهرائي ۽ تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي.
** 1885ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حسن علي آفندي
 پنهنجن دوستن جي سهڪار سان سنڌ
 محمدن ايسوسيئيشن نالي تنظيم قائم ڪئي،
 ان کان اڳ ۾ هو سنڌ سڀا جو سرگرم اڳواڻ
 هو پر ديوان ديارام ڄيٺمل ۽ ساڌو هيرانند
 سان اختلافن سبب هن سنڌ سڀا کي ڇڏي ڏنو
 ۽ نئين تنظيم ٺاهي، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن
 بعد ۾ تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسي جو قيام عمل ۾ آندو.

No comments:

Post a Comment