Wednesday 31 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st August) By: Dr. Pathan




** 1839ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ڪرنل پوٽينگر پنهنجي حڪومت 
کي تجويز ڏني ته برطانيا سرڪار جي وسيع تر مفادن تحت سکر
 ۾ فوج مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي.
** 1844ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر هندستان 
جي حڪومت کي درخواست ڪئي ته بلوچ سردارن جي اولاد 
کي تعليم ڏيڻ لاءِ حيدرآباد ۾ انگريزي اسڪول قائم ڪرڻ جي
 اجازت ڏيڻ سان گڏ 3000 رپيا سالياني گرانٽ منظور ڪئي وڃي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلاف ڪاميٽي هڙتال
 جو سڏ ڏئي ڇڏيو، ان حوالي سان وڏن شهرن جي اهم هنڌن 
تي پوسٽر ۽ بينر لڳايا ويا، سنڌي مسلمانن کي چيو ويو ته ا
هي هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ اهو ثابت ڪن ته
 اهي پنهنجي ڌرتي ماءُ جا سچا پٽ آهن.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لياقت علي خان 
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مسلمانن کي چيو ته اهي 
سڄي هندستان ۾ ڪانگريس خلاف 2 سيپٽمبر تي
 ڪارو ڏهاڙو ملهائين، عمارتن تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا وڃن.
** 1947ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي قائد اعظم محمد علي جناح 
پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بائونڊري ايوارڊ شفاف نه آهي،
 ڇاڪاڻ ته اهو اسان تي مڙهيو ويو پر
 ان هوندي به اسين ان کي قبول ڪيون ٿا.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزير اعظم لياقت علي خان
 سنڌ يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيشن جي صدارت ڪئي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي جي چيئر
مين ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته اسان اپوزيشن بئنچن تي 
ويهڻ لاءِ تيار آهيون پر شرط اهو آهي
 ته مجيب الرحمان پنهنجن 6 نقطن ۾ ترميم ڪري.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي جي
 چيئرپرسن بينظير ڀٽو آرمي چيف آصف نواز
 جنجوعه سان ملاقات ڪري ان وقت 
جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.

No comments:

Post a Comment