Monday 15 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th August) By: Dr. Pathan



** 1888ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوشل ريفارمس ايسوسيئيشن
 حيدرآباد جي ڪمپني ايڪٽ 1884ع تحت رجسٽريشن
 ڪئي وئي، اها سماجي تنظيم حيدرآباد جي ناليوارن
 سماج سڌارڪن ساڌو هيرانند، راج رشي، ديارام گدومل،
ديوان نول راءِ، ديوان تاراچند ۽ ڪوڙومل چندن مل 
کلناڻي ٺاهي، هن سماجي تنظيم حيدرآباد ۾ ڇوڪرين جي
تعليم لاءِ پنج کان وڌيڪ اسڪول قائم ڪيا.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي 
جي سڏ تي غازي ڪمال پاشا ڏهاڙو ملهايو ويو، خلافت
 ڪاميٽي جي سمورين برانچن طرفان منعقد ڪيل تقريبن
 ۾ سرڪار جي ترڪي مخالف پاليسي جي مذمت ڪئي وئي،
 جڏهن ته جن ملڪن ترڪي خلاف جنگ ۾
 حصو ورتو انهن جي پڻ مذمت ڪئي وئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح 
پاڪستان جي گورنر جنرل طور حلف کڻي ورتو، 
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اي راشد 
کيس حلف کڻايو، جڏهن ته لياقت علي خان
 پنهنجي ڪابينا جوڙي ورتي، جنهن ۾ سردار
 عبدالرب نشتر، راجا غضنفر علي، فضل الرحمان،
 آءِ آءِ چندريگر، غلام محمد ۽ جگندر ناٿ شامل هئا، 
وزيراعظم لياقت علي خان جي ڪابينا ۾ هڪ به 
سنڌي کي شامل نه ڪيو ويو، جڏهن ته
 پاڪستان جو گادي وارو شهر ڪراچي هو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگالين پنهنجي
 محسن کي قتل ڪري ڇڏيو، بنگلاديش جي آزادي
 لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سياسي اڳواڻ
 شيخ مجيب الرحمان کي پنهنجي ملڪ
 جي فوج بنگلاديش ۾ ئي قتل ڪري ڇڏيو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان
 جي وڏي وزير جان محمد جمالي اعتماد جو 
ووٽ حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته حڪومت
 جي حامي 29 ميمبرن مان 24 ڄڻا صوبائي ڪابينا ۾ شامل ٿي ويا.

No comments:

Post a Comment