Monday 29 August 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th August) By: Dr. Pathan



** 1845ع ۾ جيتوڻيڪ چارلس نيپيئر سنڌ ۾ مارشل لا لڳائي 
ڇڏي پر ان باوجود ماڻهن جو انگريز مخالف سرگرمين تان ڌيان
هٽائڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون ويون، ان حوالي سان
اڄوڪي تاريخ تي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ ڪيپٽن
 پريڊي وٽ ڪوٽڙي جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيپٽن 
پارٽج اها رپورٽ جمع ڪرائي ته ماڻهن جو انگريز
 حڪومت خلاف سرگرمين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ويرو
نالي بند تعمير ڪرايو ويو آهي ته جيئن هن علائقي جا 
ماڻهو زراعت وغيره جو ڪم ڪري سگهن.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر
بمبئي سرڪار کي اها درخواست موڪلي ته سکر
کان ڍاڍر تائين ريلوي لائين وڇائي وڃي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اصغر خان باضابطا طور
اهو اعلان ڪيو ته اهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي
 حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.
** 1975 ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي،
 جيڪب آباد ۽ سکر ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن
 جي مدد لاءِ فوج کان مدد گهري ورتي.
**1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ چيئرپرسن
بينظير ڀٽو احتساب عدالت تي بي اعتمادي ظاهر
ڪندي چيو ته نواز حڪومت اهي عدالتون پ پ
کي سياسي پراسيس مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ قائم ڪرايون آهن،
پ پ احتساب جي نالي تي ٺاهيل انهن عدالتن جي مخالفت ڪندي.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن ۾ فوت
 ٿيل ناليواري پاپ گلوڪاره نازيه حسن جي موت 
جي حوالي سان معاملا واضح نه ٿي سگهيا، جنهن
 ڪري پوليس لاش کي دفنائڻ بدران ٻيهر تحويل ۾ ورتو،
 نازيه حسن فيملي جي فردن جو چوڻ هو ته
 پوسٽ مارٽم رپورٽ نه آئي ان ڪري اڃا خدشا آهن،
جڏهن ته سندس مڙس اشتياق بيگ طرفان به مختلف
بيان ايندا رهيا، جنهن ڪري تدفين نه ٿي سگهي.
 نازيه جي وارثن اشتياق بيگ تي اهو به
الزام لڳايو ته هن نازيه کي ماريو اهي.
** 2006ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم شوڪت
 عزيز خلاف قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بي 
اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي وئي، رٿ جي حق ۾
گڏيل اپوزيشن جا رڳو 136 ووٽ پيا، جڏهن ته
رٿ جي ڪاميابي لاءِ 172 ميمبرن جا ووٽ 
گهربل هئا، وزيراعظم جو چوڻ هو ته الزام لڳائيندڙ ناڪام ٿيندا.

No comments:

Post a Comment