Saturday 8 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (9th October) By: Dr. Pathan



** 1938ع ۾اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر پنهنجي
 سرڪار کي رپورٽ پيش ڪئي ته مير صوبدار خان وٽ آمد دوران 
سندس بيعزتي ڪئي وئي آهي، مير صوبدار خان جا ماڻهو بدتميزي
 سان پيش آيا، جڏهن ته مير نور محمد خان ٽالپر خاطري ڪرائي
 آهي ته هو اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيندو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن 
تي پنجاب ۽ بنگال جي وڏن وزيرن خطاب ڪيو ۽ ڪانگريس جي پاليسي
 خاص طور تي اقليتن بابت معاملن تي تنقيد ڪئي ۽ اها دعويٰ 
ڪئي ته مسلم ليگ نه رڳو مسلمانن پر اقليتن جي حقن لاءِ پڻ آواز اٿاري ٿي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس جي صدر ابوالڪلام آزاد
 اعلان ڪيو ته آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي جي سب
 ڪاميٽي چندرا بوس خلاف ضابطي جي ڪارروائي ڪئي آهي،
 جڏهن ته کيس پارٽي مان خارج پڻ ڪيو ويو آهي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان چيو 
ته ڀارتي حڪومت اها پروپيگنڊا ڪري رهي آهي ته جيڪي به 
مسلمان ڀارت مان پاڪستان لڏي اچن ٿا اتي انهن جي ڪابه سار 
سنڀال نٿي لڌي وڃي، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي، هندستان
 مان جيڪي به پناهگير پاڪستان اچي رهيا آهن انهن جو وڏي 
گرم جوشي سان استقبال ڪري رهيا آهيون، اسان انهن مسلمانن
 سان ملڪ جي ٻين شهرين وانگر پيش اچي رهيا آهيون.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي پهرين ضمني بجيٽ
 منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ مهاجر ٽيڪس شامل ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس 
مولوي مشتاق جي سربراهي ۾ سنگل بئنچ نواب محمد احمد قصوري 
قتل ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ نواز شريف
 لاهور ۾ اهو اعلان ڪيو ته موجوده پ پ سرڪار جي خاتمي
 تائين مخالف ڌر جي تحريڪ جاري رکي ويندي.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريت تي
 6 راڪيٽ فائر ڪيا ويا پر ان سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

No comments:

Post a Comment