Tuesday 11 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (12th October) By: Dr. Pathan



** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ شاهنواز ڀٽو، حاجي
 امير علي لاهوري، غلام محمد اسراڻ ۽ ٻين جي نالن سان پمفليٽ
 ورهايا ويا، جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي هئي ته خلافت ڪاميٽي
 جي عيدگاهه ميدان ۾ رٿيل جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي وڃي،
 ڇاڪاڻ ته خلافت ڪاميٽي حڪومت خلاف تحريڪ هلائي
 رهي آهي، واضح رهي ته خلافت ڪاميٽي لاڙڪاڻي جي عيدگاهه ۾
 وڏو جلسو ڪوٺايو هو، جنهن جي اجازت نامي ۾ به انتظاميا طرفان
 وڏيون رڪاوٽون وڌيون ويون، جلسي کي ناڪام بڻائڻ
لاءِ خلافتي اڳواڻن خلاف مهم هلائي وئي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪولڪتا ۾ مولانا تاج محمود امروٽي
 جي صدارت ۾ جميعت العلماءِ جو وڏو سياسي پروگرام ٿيو، جنهن جي 
رپورٽنگ الحق نالي اشاعتي اداري ڪئي، واضح رهي ته ان وقت ۾ 
سنڌ جا اڳواڻ سڄي هندستان ۾ مختلف سياسي پروگرام ڪندا رهندا هئا.
** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش سومري نئين 
تاريخ رقم ڪئي، هن انگريز سرڪار طرفان مليل خانبهادر جو
 اعزاز واپس ڪري ڇڏيو، هن اهو موقف رکيو ته انگريز سرڪار 
هندستان جي آزادي ۾ سنجيده ناهي، الهه بخش سومرو سنڌ جو 
وزيراعظم رهيو، بعد ۾ کيس عهدي تان هٽايو ويو ۽ آخر ۾ شهيد ٿي ويو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾ گڏيل ووٽ وارو نظام 
۽ ويسٽ پاڪستان ۾ ڌار ووٽ وارو نظام لاڳو
 ڪرڻ لاءِ قومي اسميبلي ۾ بل پاس ڪيو ويو.
**1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر يحيٰ خان اقتدار چونڊيل نمائندن 
حوالي ڪرڻ لاءِ ٽائيم ٽيبل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي 
ايم سيد کي قومي جهنڊي جي بي حرمتي جي الزام هيٺ نظربند ڪيو ويو.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراق جي شهر بغداد ۾ آمريڪي فوجين 
جي استعمال هيٺ هوٽل تي ٿيل خودڪش حملي ۾ 14 فوجين سميت
 ڪيترائي شهري مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا.

No comments:

Post a Comment