Friday 7 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (8th October) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدارن ڪيپٽن برنس ۽ 
ڪرنل پوٽينجر وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران اهو معلوم ٿيو ته
 انهن ٻنهي ڄڻن کي سنڌ جي ماڻهن مشڪل وقت ڏنو، جڏهن ته هنن
 کي سنڌ جي حڪمرانن مان سٺو ريسپانس ملڻ جي پڪ هئي، هنن
 بکر وارو قلعو قرض تي حاصل ڪيو ۽ اناج به ورتو پر هنن لاءِ سمورو
 ٽاسڪ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو.
** 1913ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هلال احمر پنهنجي سالياني رپورٽ
 ۾ سنڌي مسلمانن کي صلاح ڏني ته اهي غلام محمد  ڀرڳڙي جي
 سيس بل جي حمايت ڪن، سنڌ ۾ هڪ بينڪ قائم ڪئي وڃي ۽
يتيم خانا کوليا وڃن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 
هڪ سنڌي اخبار پڻ شروع ڪئي وڃي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٺل ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي
 شاخ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هندستاني سرڪار جي ترڪي 
۽ هندستان بابت پاليسي جي مذمت ڪئي وئي.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ مسلم ليگ جي
 پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت قائد اعظم محمد علي 
جناح ڪئي، گڏجاڻي ۾ حافظ علي محمد قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي، 
جنهن کانپوءِ ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان
 هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيتوڻيڪ اسان ج
و مقصد جمهوريت کي بحال ڪرڻ آهي پر ماڻهو 
اسان جي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رام ڳڙهه سيڪٽر ۾
 هڪ خطرناڪ صورتحال سامهون آئي، پاڪستان ۽ ڀارت 
وچ ۾ انهيءَ سيڪٽر ۾ شروع ٿيل ويڙهه جنگ ۾ تبديل ٿي وئي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن ايسٽ پاڪستان جي عوام لاءِ
 انساني همدردي جي بنياد تي 5 ڪروڙ رپيا گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل مصر ۽ شام تي حملا شروع
 ڪري ڏنا، جنهن تي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
 شام ۽ مصر جي قيادت کي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو،
 ذوالفقار علي ڀٽو مصر جي صدر انور سادات ۽ شام جي صدر
 سان رابطو ڪيو، ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته گڏيل قومن
 سان رابطو ڪيو ويندو ۽ عرب ملڪن جو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويندو.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا طرفان افغانستان تي 
ڪيل حملن خلاف پاڪستان ۾ احتجاج شروع ٿي ويا،
 اسلام آباد پوليس اٽڪل هڪ هزار مظاهرين خلاف 
ڪيس داخل ڪيا ۽ گرفتاريون ڪيون ويون.

No comments:

Post a Comment