Monday 31 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (31st October) By: Dr. Pathan


** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌو نديءَ جي سروي واري معاملي تي 
انگريزن پنهنجي عملدار ڊاڪٽر هيڊلي کي ٽالپر حڪمرانن سان ڳالهيون 
ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن سنڌ پهچي حڪمرانن سان ڳالهيون ڪيون.
انگريزن سنڌ تي قبضي کان اڳ اهو فيصلو ڪيو هو ته سنڌو ندي کي
 ڪميونيڪيشن لاءِ ڪهڙي ريت استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کان
 وٺي ملتان تائين سنڌو ندي ۾ ٻيڙيون هلائڻ جو پلان ٺاهيو ويو هو.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي 49 مهينن دوران گڏ
 ڪيل چندي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته انهن وٽ ميمبر شپ
 جي ڌار رقم موجود هئي، ڪل 3 لک 36 هزار 588 رپيا ۽ 13 آنا 3
 پايون چندو مليو، جنهن مان خلافت بيت المال ۾ 90 هزار 541 رپيا 
۽ 7 آنا 4 پايون جمع ٿيا، انهيءَ رقم مان 35 هزار 670 رپيا سينٽرل
 خلافت ڪاميٽي انڊيا کي ڏنا ويا، ترڪي جي شهر اينگورا ۾ جنگ سبب 
متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ قائم ڪيل اينگورا فنڊ ۾ 2 لک 14 هزار
 794 رپيا ۽ 9 آنا 8 پايون جمع ٿيا، اها رقم ترڪي کي موڪلي وئي،
 جڏهن ته سمرنا فنڊ ۾ 28 هزار 991 رپيا ۽ 14 آنا 4 پايون گڏ ڪيا ويا،
 مدينه مجاهد فنڊ ۾ 126 رپيا، ڊسٽرڪٽ ڪاميٽي ڊپازٽ فنڊ ۾510 رپيا
 جمع ٿيا، اهڙي طرح هوائي جهاز لاءِ ٺاهيل فنڊ ۾ 1688 رپيا ۽ 10 آنا
 5 پايون جمع ٿيون، سڀني خرچن کان بعد ۾ 12
 هزار 703 رپيا  ۽ 3 آنا 3 پايون پاڇي بچيا.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ٻه اهم پروگرام ٿيا، خالق ڏنو 
هال ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر انصاري ڪئي،
 جيڪو انڊين نيشنل ڪانگريس جو صدر هو، گڏجاڻي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد
 پڻ شريڪ ٿيو هو، جڏهن ته ٻي گڏجاڻي فريئر هال ۾ ٿي، جنهن ۾ بمبئي 
جي گورنر کي الوداعي پارٽي ڏني وئي، ان موقعي تي سنڌ محمدن
 ايسوسيئيشن ۽ ٻين پارٽين گورنر کي ميمورنڊم پيش ڪيو،
 ان کان اڳ ۾ گورنر سنڌ مدرسي جو دورو ڪيو، جتي ڊاڪٽر
 عمر دائودپوٽو ۽ شاگردن سندس سنڌي گيتن سان آجيان ڪئي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي ٿيوسافيڪل هال ۾ هندو 
مسلم يونٽي ڪانفرنس شروع ٿي، اها ڪانفرنس سر غلام حسين
 هدايت الله جي ڪوششن سان منعقد ڪرائي وئي، جنهن ۾ سنڌ کي
 بمبئي کان ڌار ڪرڻ، گڏيل چونڊ نظام لاڳو
 ڪرائڻ سميت ٻيا گڏيل مفادن وارا معاملا بحث هيٺ آيا.
** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جو ڪنوينشن ٿيو، 
عهديدارن جي چونڊ تان اڳواڻن ۾ اختلاف پيدا  ٿي پيو، 
سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙو احتجاج طور ڪنوينشن مان هليا ويا.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد 
جي رٿ 12 ووٽن جي فرق سان ناڪام ٿي وئي.

No comments:

Post a Comment