Friday 14 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th October) By: Dr. Pathan


** 1892ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر ايونس جيمز
 سنڌ آرٽس ڪاليج (ڊي جي سنڌ ڪاليج) جي عمارت جي افتتاحي تقريب
 ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ جو اهو ڪاليج هڪ لک 86 هزار 514 رپين
 جي لاڳت سان ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ حڪومت 97 هزار رپيا ڏنا، 
جڏهن ته باقي رقم ڪجهه ماڻهن ادا ڪئي، ڪراچي ميونسپالٽي
 جي انجنيئر جئه ستراچند سنڌ آرٽس ڪاليج جي عمارت جي ڊزائن تيار ڪئي هئي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي
 جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ مسجد منزل گاهه واقعي تي غور
 ڪيو ويو ۽ تحريڪ جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان اردو ۾ پهرين وڏي
اخبار شايع ٿي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر غازي امام نبي هو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قاضي فضل الله جي حڪومت 
اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ سڀني شاگردن کي فوجي تربيت لازمي طور
 ڏياري ويندي، ٻين ضروري سبجيڪٽن وانگر فوجي تربيت پڻ ڪمپلسري هوندي.
**1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا ۾ ويٽنام جنگ خلاف لکين
 ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ تاريخي مارچ ڪيو، ان احتجاج کي آمريڪي
تاريخ جو وڏو احتجاج قرار ڏنو ويو، شاگردن، صحافين، واپارين،
 دڪاندارن ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن احتجاج ۾ شرڪت ڪري مطالبو
 ڪيو ته ويٽنام جنگ جو خاتمو آندو وڃي.واضح رهي ته آمريڪا 
پاران ويٽنام ۾ شروع ڪيل جنگ ۾ اٽڪل 45
 هزار آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا. جنهن ڪري عوام ڪاوڙ
 ۾ ٻاهر نڪتو. اها جنگ 1965ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر محمود هارون عهدو
 ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سنڌ حڪومت سان ڪجهه اهم معاملن
 تي اختلاف پيدا ٿيڻ کانپوءِ هن صدر غلام اسحاق خان کي استعيفا ڏيڻ
 واري فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ان وقت سيد
 مظفر حسين شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رپئي جو ملهه وڌيڪ ڪري پيو
 ۽ ڊالر 3 رپيا 53 پئسا مهانگو ٿي ويو، اسٽيٽ بئنڪ رپورٽ جاري
 ڪئي ته آمريڪي ڊالر ساڍا 40 رپين مان وڌي 44 رپين تائين پهچي ويو آهي.

No comments:

Post a Comment