Monday 17 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th October) By: Dr. Pathan




** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هوم رول ليگ طرفان 
هندستاني سرڪار جي انهيءَ فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو،
 جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اڳواڻ انگلينڊ نٿا وڃي سگهن.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڏهاڙو ملهايو ويو، 
ان حوالي سان مختلف شهرن ۾ پروگرام ٿيا، لاڙڪاڻي ۾ ايڊووڪيٽ 
غلام علي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بئريسٽر جان محمد 
جوڻيجو، سيد محمد شاهه، سيٺ خداداد سرهيو، پير تراب علي شاهه،
 پير امام الدين شاهه راشدي، پير ابراهيم شاهه، مولانا غلام عمر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڊائو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، 
جنهن ۾ سنڌ جي صوبائي اعزاز بابت معاملن توڙي نون عهدن
 ۽ آفيسرن جي مقررين بابت غور ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ 
خانبهادر ايوب کهڙو، سيٺ حاجي عبدالله هارون، قاضي
 عبدالرحمان، اي ايل پرائيس، ديوان بهادر هيرانند، کيم سنگهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪانگريس ستياگرهه تحريڪ شروع ڪئي،
 جنهن ۾ سنڌ جي اڳواڻن به اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪوئيٽا ۾ ريڊيو پاڪستان جي
 تجرباتي ٽرانسميشن شروع ڪئي وئي.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان نارٿ ڪراچي 
۾ نئين ٽائون شپ جو منصوبو شروع ڪيو، جنهن ۾ ڀارت کان آيل
 اٽڪل 30 هزار خاندانن کي ترسايو ويندو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت ڪشمير کي پنهنجو علائقو
 ڄاڻائي ڇڏيو، جنهن تي پاڪستان سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڀارت
 ڪشمير تي قبضو ڪيو آهي ۽ اهو علائقو والاريل ڪشمير آهي.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي،
 جنهن تحت سرڪار کي اهو اختيار حاصل ٿي ويو ته ڪنهن به 
پارٽي تي ملڪ جي سلامتي خلاف ڪم ڪرڻ جو الزام لڳائي پابندي هڻڻ جو اختيار ملي ويو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو طرفان ميان
 نواز شريف ۽ سندس خاندان، ڊاڪٽر بشارت الاهي، 
سيف الله ۽ ٻين بابت تيار ڪيل دستاويز پڌرو ڪيو ويو، 
جنهن ۾ چيو ويو ته انهن ماڻهن بئنڪن مان وڏيون رقمون ڦٻايون آهن.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري
 سنڌ جي گورنر حڪيم محمد سعيد کي قتل ڪري ڇڏيو، 
 حڪيم سعيد پنهنجي اداري جي ليبارٽرين ڏانهن وڃي رهيو
 هو ته رستي تي هٿياربندن مٿس حملو ڪري ڏنو، گوليون لڳڻ
 سبب هو شهيد ٿي ويو. ڄاڻايل ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم
 جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو.

No comments:

Post a Comment