Tuesday 4 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (4th October) By: Dr. Pathan



** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هز هائينس مير مراد علي خان ٽالپر
 سنڌ ۾ مقرر ٿيل ڪمشنر آر ڪي پرنگل کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي
 طرفان دوستي ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، 
مير مراد علي ٽالپر ڪمشنر کي ريزيڊنٽ آفيسر خيرپور جي
 ذريعي موڪليل خط ۾ اهڙو اظهار ڪيو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي رئيس المهاجرين جان 
محمد جوڻيجو افغانستان ڏانهن شروع ڪيل هجرت تحريڪ
 جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون، ان حوالي سان لاڙڪاڻو
 ڊسٽرڪٽ خلافت ڪاميٽي طرفان هڪ گڏجاڻي ٿي،
 جنهن ۾ مولانا محمد صديق کڏي واري، عبدالجبار ايڊووڪيٽ،
 شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد علي، پير نورالدين،
 سيٺ خداداد سرهيو، سيٺ احمد الدين، هري سنگهه ايڊووڪيٽ،
 لاڙڪاڻو گزيٽ جي ايڊيٽر تهليرام ۽ ٻين شرڪت ڪئي،
 انهيءَ گڏجاڻي جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي هئي،
 جان محمد جوڻيجو هجرت دوران سنڌين 
سان پيش آيل ڏکيائين ۽ مشڪلاتن کان آگاهي ڏني.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور ميرس ۽ بهاولپور رياستن 
کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي باني
 مولانا مودودي کي پاڪستان سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ نون
 سفارتي لاڳاپن جي شروعات ٿي، 1971ع جي  جنگ کانپوءِ 
ڇڪتاڻ برقرار هئي پر پوءِ اڳتي هلي معاملا آهستي آهستي بهتر 
ٿي ويا، ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي کي تسليم ڪري ورتو،
 ٻنهي ملڪن ۾ سفارتڪار مقرر ڪري سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ويا.
** 1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت آدمشماري
 ۽ گهرشماري هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي، 18 کان 
31 آڪٽوبر تائين رٿيل گهرشماري کي ملتوي ڪيو ويو،
 حڪومت اعلان ڪيو ته ايندڙ سال آدمشماري ڪرائي ويندي.
 ان کان اڳ لاهور ۾ چوڌري نثار جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو،
 جنهن ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. آدمشماري
 ملتوي ڪرڻ جو اعلان ٽيون ڀيرو ڪيو ويو.
**1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف هڪ غير
ملڪي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڀارت سان وڏي جنگ جو
 خطرو محسوس ڪري رهيا آهيون، ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ 
بنا تڪرار ختم نه ٿيندا، اسان ڳالهين ذريعي پرامن حل چاهيون ٿا.

No comments:

Post a Comment