Friday 21 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd October) By: Dr. Pathan


** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي خالق ڏنو هال ۾ ڪانگريس 
ڪاميٽي جي گڏجاڻي نارائڻ داس آنند جي جي صدارت ۾ ٿي گذري،
 جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائمن ڪميشن جي ڪراچي آمد جي 
موقعي تي ان جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، انهي گڏجاڻي ۾ مير محمد بلوچ 
۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي پڻ شرڪت ڪئي هئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان وڌيڪ 66 هزار
 500 مهاجر خاندان پاڪستان پهچايا ويا.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ ملڪ جو پهريون ائٽامڪ انرجي
 ريسرچ ۽ ٽريننگ سينٽر شروع ٿيو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فاطمه جناح ۽ صدر ايوب خان صدارتي چونڊ
 ۾ ڪاميابي لاءِ سرگرم رهيا، صدر ايوب خان بهاولپور ۾ هڪ 
تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان فاطمه جناح سميت ڪنهن 
جي به جاگير ناهي، قائداعظم جي ڀيڻ لاءِ صدر 
ايوب خان اهڙا ڪيترائي منفي رمارڪس ڏنا.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ چين هڪ معاهدي
 تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت گلگت ۽ چين
 جي شهر زنجيانگ وچ ۾ واپار شروع ڪيو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مملڪتي وزير معراج محمد خان
 استعيفا ڏئي ڇڏي، هن پ پ حڪومت تي الزام لڳايو ته سرڪار
 جون پاليسيون پورهيتن جي خلاف آهن. ان ڪري هو وڌيڪ گڏ نٿو هلي سگهي.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو گو نواز
 گو تحريڪ جو آغاز ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ بينظير ڀٽو 
جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي ۽
 حفيظ پيرزادي شرڪت ڪئي، بينظير چيو ته
 ملڪ جي بقا لاءِ قدم اڳتي وڌائي رهيا آهيون.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت پاڪستان جي ”نو وار پيڪٽ“ 
تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هو ته ڪشمير جو
 تڪرار حل ڪيو وڃي. ان حوالي سان وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي
 وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي ۾ فون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ ايٽمي 
ٺڪاڻن سان گڏ شهري علائقن تي حملا نه ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، 
جڏهن ته ڀارت پاڪستان سان جنگ نه ڪرڻ جي آڇ کي رد ڪيو.

No comments:

Post a Comment