Thursday 6 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th October) By: Dr. Pathan




** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن جي 
انتظاميا کي چيو ويو ته بمبئي لوڪل بورڊ ايڪٽ چار  1923ع جي
قلم 100 تحت قاعدا ۽ ضابطا تيار ڪيا وڃن ۽ ان جي سنڌ جي ڪمشنر
 کان منظوري ورتي وڃي ته جيئن هو اهو قانون لاڳو ڪري ضلعن ۾ 
سماج دشمن ۽ اڻوڻندڙ سرگرمين کي روڪي سگهي، واضح رهي ته
 انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ميلن يا وري بزرگن جي عرس جي موقعي تي 
اڻوڻندڙ سرگرميون ٿي رهيون هيون، جنهن جي شڪايت تي
 سرڪار اهڙو قانون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان مسلم ليگ 
جي صدر طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ پنهنجي صوبائي حيثيت وڃائي ڇڏي، 
سنڌ کي صرف ٻن ڊويزنن خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ ورهايو ويو،
 جڏهن ته ڪراچي کي وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان احمد يار خان کي حراست ۾ ورتو ويو،
 جڏهن ته سندس پٽ کي خان آف قلات بڻايو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پارليامينٽ ايمرجنسي جي مدي ۾ واڌ
 جي منظوري ڏئي ڇڏي، مخالف ڌر جي جماعتن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مصر جي صدر انور سادات کي ماريو ويو.
ملٽري پريڊ دوران هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو،
 ان موقعي تي موجود ڪيترائي غيرملڪي سفارتڪار به مارجي ويا ۽
 زخمي ٿيا، واقعي بعد مصر جي اختيارين ملڪ ۾ هنگامي حالتن
 جو اعلان ڪيو، صدر انور سادات پهريون عرب اڳواڻ هو،
جنهن اسرائيل جي تڪراري رياست کي تسليم ڪيو.هن 1978ع 
۾ اسرائيل سان تڪراري ڪئمپ ڊيوڊ معاهدو به ڪيو، جنهن تي 
عرب اڳواڻن مٿس تنقيد ڪئي. سادات جي وفات بعد آمريڪي صدر
 رونالڊ ريگن چيو ته آمريڪا پنهنجي ويجهي دوست کي وڃائي ڇڏيو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ بينظير ڀٽو جي
 درخواست تي پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
**1997ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آرمي چيف جنرل جهانگير
 ڪرامت آدمشماري ملتوي ڪرڻ جو الزام نواز شريف حڪومت
 تي لڳائي ڇڏيو، هن جو چوڻ هو ته فوج آدمشماري جي عمل 
جي نگراني لاءِ تيار هئي پر حڪومت پاڻ آدمشماري
 ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته اڳتي هلي نواز شريف 
۽ جنرل جهانگير ڪرامت ۾ ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف سامهون آيا.بيان بازي به ٿي.

No comments:

Post a Comment