Tuesday 25 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (25th October) By: Dr. Pathan

 
** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي
 لاءِ گڏيل قومن جو قيام عمل ۾ آندو ويو، ان حوالي سان واشنگٽن
 ۾ هڪ سادي تقريب ٿي، جنهن ۾ يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن
 جو قيام عمل ۾ آيو، هر سال 24 آڪٽوبر تي گڏيل قومن جو ڏهاڙو ان
 حوالي سان ملهايو وڃي ٿو، شروعات ۾ گڏيل قومن ۾ رڳو 29
ملڪ شامل هئا، اڳتي هلي 2005ع تائين اهو تعداد
 وڌي 191 ٿي ويو. گڏيل قومن جو پهريون
سيڪريٽري جنرل گليڊوائين جيب کي چونڊيو ويو هو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
 جي يادگار طور داراللطيف قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد دستور
 ساز اسيمبلي کي برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ نئين ڪابينا حلف کنيو،
 محمد علي بوگرا کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته محمد علي بوگرا جي
ڪابينا ۾ جنرل ايوب خان ۽ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي شامل ڪيو ويو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي پرڏيهي وزير دولس پاڪستان
 جي وزيراعظم ملڪ فيروز خان کي خاطري ڪرائي ته جيڪڏهن پاڪستان
 تي ڪو حملو ٿيو ته آمريڪا پاڪستان جي مدد ڪندو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل اسڪندر مرزا جنرل ايوب خان
 جي سربراهي ۾ نئين ڪابينا جوڙي ورتي، جيڪو ان وقت چيف مارشل
 لا ايڊمنسٽريٽر پڻ هو، جنرل ايوب خان جي انهيءَ ڪابينا ۾ ذوالفقار علي ڀٽو
 کي واپار جو وزير بڻايو ويو هو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان تي
 گولي هلائيندڙ شخص کي واقعي واري هنڌ ماريندڙ پوليس انسپيڪٽر
 کي گجرات ۾ قتل ڪيو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليم ۽ اطلاعات جي وفاقي
وزير اي ٽي ايم مصطفيٰ ڍاڪا ۽ راج شاهي ۾ ڀارتي لائبريري
هائوس بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان اعلان ڪيو ته
 صدارتي چونڊن دوران نگران حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪابه
 ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته چونڊون شفاف ٿينديون، ايوب خان
 جي مقابلي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ مادر ملت فاطمه جناح اليڪشن وڙهي رهي هئي. 

No comments:

Post a Comment