Sunday 23 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (24th October) By: Dr. Pathan



** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ گڏيل
 قومن جو قيام عمل ۾ آندو ويو، ان حوالي سان واشنگٽن ۾ هڪ سادي 
تقريب ٿي، جنهن ۾ يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن جو قيام عمل ۾ آيو،
 هر سال 24 آڪٽوبر تي گڏيل قومن جو ڏهاڙو ان حوالي
 سان ملهايو وڃي ٿو، شروعات ۾ گڏيل قومن ۾ رڳو 29 ملڪ 
شامل هئا، اڳتي هلي 2005ع تائين اهو تعداد وڌي 191 ٿي ويو.
 گڏيل قومن جو پهريون سيڪريٽري جنرل گليڊوائين جيب کي چونڊيو ويو هو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي 
جي يادگار طور داراللطيف قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد 
دستور ساز اسيمبلي کي برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ نئين 
ڪابينا حلف کنيو، محمد علي بوگرا کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو،
. جڏهن ته محمد علي بوگرا جي ڪابينا ۾ جنرل ايوب خان ۽ ميجر جنرل
 اسڪندر مرزا کي شامل ڪيو ويو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي پرڏيهي وزير دولس پاڪستان
جي وزيراعظم ملڪ فيروز خان کي خاطري ڪرائي ته جيڪڏهن پاڪستان 
تي ڪو حملو ٿيو ته آمريڪا پاڪستان جي مدد ڪندو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گورنر جنرل اسڪندر مرزا جنرل ايوب خان
 جي سربراهي ۾ نئين ڪابينا جوڙي ورتي، جيڪو ان وقت چيف مارشل
 لا ايڊمنسٽريٽر پڻ هو، جنرل ايوب خان جي انهيءَ 
ڪابينا ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي واپار جو وزير بڻايو ويو هو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان
 تي گولي هلائيندڙ شخص کي واقعي واري هنڌ ماريندڙ پوليس انسپيڪٽر
 کي گجرات ۾ قتل ڪيو ويو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعليم ۽ اطلاعات جي وفاقي وزير اي ٽي
 ايم مصطفيٰ ڍاڪا ۽ راج شاهي ۾ ڀارتي لائبريري هائوس بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان اعلان ڪيو ته 
صدارتي چونڊن دوران نگران حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪابه
ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته چونڊون شفاف ٿينديون، ايوب خان جي مقابلي 
۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ مادر ملت فاطمه جناح اليڪشن وڙهي رهي هئي.

No comments:

Post a Comment