Thursday 6 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (7th October) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار
 جي سيڪريٽري جي ٿامسن بمبئي سرڪار جي سيڪريٽري کي
 خط لکيو ته سنڌ جي گورنر سان رابطو ڪيو وڃي ۽ کيس
 اها درخواست ڪئي وڃي ته سنڌ جي اڳوڻن حڪمرانن جي عورتن 
کي بمبئي موڪلڻ جا انتظام ڪيا وڃن.
** 1845ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جو ناليوارو جاگيردار
 درياءَ خان ٺوڙهو وفات ڪري ويو، سنڌ جي ڪمشنر سرڪار
 کي سفارش ڪئي ته هن جي جاگير سندس پٽ جعفر خان کي ڏني وڃي.
** 1885ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ميڪس ڊينسوهال
 ۾ ادبي ويهڪ ڪرائي وئي، جنهن جو موضوع ننڍپڻ جون
 شاديون هيون، اهو پروگرام ميڪس ڊينسوهال ادبي سوسائٽي
 ڪرايو هو، جنهن ۾ سوسائٽي جي سيڪريٽري پي آرديشير خطاب ڪيو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ سنڌ خلافت ڪاميٽي 
جي هڪ وڏي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي،
 قاضي اسدالله شاهه، مولوي عبدالله ۽ سيٺ امين الدين خطاب ڪيو.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ دي ڪنسلٽيٽو
 ڪاميٽي آف اينٽي ون يونٽ ويسٽ پاڪستان طرفان ڪنوينشن
 ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت خان عبدالغفار خان ڪئي، 
جڏهن ته پير آف مانڪي شريف، خان عبدالصمد خان اچڪزئي،
 شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ بين
 اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي 
ون يونٽ خلاف ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر اسڪندر مرزا سڄي ملڪ 
۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي، آئين کي معطل ڪيو ويو، اسيمبليون
 ۽ سموريون حڪومتون برطرف ٿي ويون، آرمي چيف
 جنرل محمد ايوب کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻايو ويو،
 جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وڏي عرصي تائين مارشل لا رهي.
** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا افغانستان ۾ حملا شروع 
ڪري ڏنا، ڪابل، قنڌار، جلال آباد ۽ ٻين شهرن تي بمباري
 ڪئي وئي ۽ ڪروز ميزائل اڇلايا ويا، آمريڪا جو چوڻ
 هو ته اهي حملا طالبان تي ڪيا ويا آهن، جيڪي نائين اليون حملن ۾ ملوث آهن.

No comments:

Post a Comment