Friday 28 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (28th October) By: Dr. Pathan



حيدرآباد ۾ يونين اڪيڊمي جي افتتاحي تقريب جي صدارت ڪئي،
 حيدرآباد ۾ سماجي ڪم ڪندڙ ڀائرن نول راءِ ۽ ساڌو هيرانند
 يونين اڪيڊمي جي نالي سان اهو اسڪول قائم ڪيو هو، جيڪو 
بعد ۾ اين ايڇ اڪيڊمي جي نالي سان مشهور ٿيو، هاڻي اهو اسڪول
 سنڌ يونيورسٽي جو ڪئمپس قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان عمارت ۾ ماڊل
 اسڪول هلي رهيو آهي، واضح رهي ته نول راءِ ۽ ساڌو هيرانند تعليم
 جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هنن ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا
 ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار سنڌ 
ايڊمنسٽريٽو انڪوائري ڪاميٽي قائم ڪئي، جنهن جو چيئرمين ايڇ ڊو
 ۽ سيڪريٽري ليمبرڪ کي بڻايو ويو، جڏهن ته حاجي عبدالله هارون 
۽ محمد ايوب کهڙو کي مسلمان ميمبرن طور شامل ڪيو ويو،
 ڪاميٽي کي چيو ويو ته اها سنڌ کي صوبائي حيثيت ملڻ بعد انتظامن
 جي حوالي سان سفارشون تيار ڪري.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ صدارتي نظام متعارف ڪرايو ويو، 
اها سياست ۾ ون مين شو جي شروعات هئي، پاڪستان ۾ هڪ ئي ماڻهو
 کي سڀئي اختيار ڏيڻ وارو اهو نظام اٽڪل 15 سالن تائين جاري رهيو. 
اسڪندر مرزا کي پاڪستان جو پهريون صدر بڻايو ويو هو. ان کانپوءِ اڳتي 
هلي ايوب خان به صدر ٿيو. جنهن هڪ مدو پورو ڪرڻ بعد پاڻ کي ٻيهر به چونڊرايو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بهاولپور جي هڪ چرچ ۾ بم ڌماڪو
 ٿيڻ جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ عورتون ۽ 
ٻارڙا به شامل هئا، مسيحي برادري جاماڻهو چرڇ ۾ عبادت ۾ مصروف
 هئا ته کين نشانو بڻايو ويو، ڌماڪي سان عمارت کي به نقصان پهتو.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ جي آءِ
 تي الزام لڳايو ته چونڊن ۾ وڏيون ڌانڌليون ڪيون ويون آهن.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل 
ڪيس ۾ آصف علي زرداري، نصيرالله بابر، سيد عبدالله شاهه جا نالا ڏنا ويا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف ايم ڪيو ايم کي
 ڌمڪي ڏيندي چيو ته گورنر حڪيم سعيد جي قتل ۾ ملوث پنهنجا
 اڳواڻ قانون حوالي ڪريو، نه ته ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي 
ڪئي ويندي. واضح رهي ته حڪيم سعيد قتل ڪيس
 ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو هو.

No comments:

Post a Comment