Friday 14 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (14th October) By: Dr. Pathan



** 1854ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز سرڪار پنجاب جي 
چيف ڪمشنر ۽ سمورن کاتن جي سربراهن سان گڏ ملٽري 
ڪمانڊنگ آفيسر کان تجويزون طلب ڪيون ته اهي انتظامي ڪم
 ۽ کاتن جي سرگرمين جي حوالي سان سرڪاري عمارتن کي 
ڪهڙي ريت استعمال ڪري سگهن ٿا؟ واضح رهي ته ان دور
 ۾ پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ انتظامي رابطن لاءِ آفيسن جي وڏي ضرورت هئي.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب ۾ وڏي ٻوڏ اچي وئي، حڪومت 
هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ متاثرن جي امداد لاءِ
 هڪ فنڊ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين صوبن جي شهرين
 کي چيو ويو ته اهي ان ۾ رقم جمع ڪرائين.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ پاران 17 آڪٽوبر تي گهرايل
 آئيني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سياسي جماعتن جي پارلياماني پارٽيز
 جي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات ۽ اسرائيلي
 وزيراعظم ريبن توڙي پرڏيهي وزير شمعون پيريز کي امن جو نوبل انعام ڏنو
 ويو.ان ايوارڊ جو اعلان ڪرڻ تي نوبل انعام ڏيندڙ ڪاميٽي جي هڪ ميمبر
 ڪيري ڪرسچيئنسن استعيفا ڏئي ڇڏي، هن جو اعتراض هو ته
 ياسر عرفات هٿياربند ويڙهه ۽ تشدد ۾ ملوث آهي، جڏهن ته فلسطيني
 اڳواڻن وري اسرائيلي وزيراعظم ۽ شمعون پيريز جهڙي شخص
 کي نوبل انعام ڏيڻ تي اعتراض واريو، اهو پهريون ڀيرو هو جو امن
 جو نوبل انعام ٽن ماڻهن کي ڏنو ويو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئين آرمي چيف جنرل پرويز مشرف 
جي ايڇ ڪيو ۽ مختلف ڪورز ۾ وڏي پئماني تي تبديليون ڪيون،
 ڪراچي، پشاور، منگلا ۽ پنڊي جا ڪور ڪمانڊر تبديل ڪيا ويا، جڏهن 
ته فوجي آفيسرن کي ترقيون ڏيڻ جي سفارش به ڪئي وئي. ساڳئي ڏينهن
 تي وزيراعظم نواز شريف امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس به طلب ڪيو.
 هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن امان کي ترجيح ڏينداسين ۽ بدامني کي ختم ڪيو ويندو.
** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملائشيا ۾ اسلامي ملڪن 
جي پرڏيهي وزيرن جي ٿيل اجلاس ۾عراق کي گڏيل
 قومن جي نگراني ۾ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملائشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد خصوصي خطاب ڪندي اتحاد تي زور ڏنو.

No comments:

Post a Comment