Thursday 27 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (27th October) By: Dr. Pathan


** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير شهداد خان ٽالپر بمبئي جي
 گورنر کي خط لکي درخواست ڪئي ته انگلينڊ وڃڻ لاءِ اجازت
 ڏني وڃي، سندس خط ۾ اهي لفظ لکيل هئا ته اسان پنهنجن وڏن 
کان وٺي انگريزن جا وفادار رهيا آهيون، آئون به پنهنجي مرحوم پيءُ
 وانگر دوستي برقرار رکڻ چاهيان ٿو.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ
 کي خان آف قلات جي حوالي سان آگاهي ڏني.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۾ ستين سنڌ صوبائي خلافت ڪانفرنس
 جي صدارت مولانا حسين احمد مدني ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر انصاري،
 ابوالڪلام آزاد، مولانا ظفر علي خان، مولانا حبيب الرحمان لڌيانوي،
 حاجي عبدالله هارون، مير محمد بلوچ، سيد علي اڪبر شاهه آف ميهڙ،
 مولانا وفائي، مولانا چشتي، مولانا معاذ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، 
ان موقعي تي مولانا تاج محمود امروٽي کي استقباليه ڪاميٽي جو
 چيئرمين بڻايو ويو هو، ڪانفرنس ۾ ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا هئا،
 هڪ ٺهراءُ اهو به هو ته سائمن ڪميشن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو
 ۽ سکر بئراج جي تعمير دوران متاثر ٿيندڙ مسجدن جو تحفظ ڪيو ويندو،
 ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن جيل جي چوڌاري مارچ ڪيو ۽ سياسي طور
 قيد ڪيل اڳواڻن شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين لاءِ نعريبازي ڪئي.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر اسڪندر مرزا پنهنجا سمورا 
اختيار جنرل ايوب خان حوالي ڪيا، جنهن صدارت جو عهدو سنڀاليو هو،
 صدر ايوب خان 9 رڪني ڪابينا سان گڏ حلف کنيو ۽ جنرل
 موسيٰ خان کي فوج جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ 
122 ووٽ کڻي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي متحده عرب امارات جي بادشاهه شيخ زيد بن
 سلطان النهيان ابوظهبي ۾ جنرل پرويز مشرف سان ٿيل ملاقات ۾ کيس چيو
 ته هو نواز شريف جي جان بخشي ڪري، عرب امارات جي بادشاهه کيس 
اها ڳالهه انتهائي تاڪيد سان ڪئي، جنهن تي مشرف کيس خاطري ڪرائي 
ته هن جي جان کي ڪو نقصان نه ٿيندو، پرويز مشرف کي يو اي اي
 بادشاهه درخواست ڪري ابوظهبي گهرايو هو، جتي نواز شريف وارو
 معاملو غور هيٺ آيو. واضح رهي ته سعودي عرب به پرويز مشرف تي اهڙو دٻاءُ وڌو.

No comments:

Post a Comment