Monday 10 October 2016

Dr. Dur Muhammad Book ادب ۽ ماحول Part -1 (From Page No. 1-10/of 172 Pages)

Dr. Dur Muhammad Book
 ادب ۽ ماحول
Part -1 (From Page No. 1-10/of 172 Pages)

مقدمو
تعارف:
ڀلي ته اسان جو معجزن ۾ ايمان نه هجي، پر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ جي ڪهاڻي ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونه آهي. هن ڏيهه پنهنجي تاريخ مطابق ڏاڍا ڌکيا ڏينهن ڏٺا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ صدين کان وٺي هن ڌرتيءَ تي آزادي ۽ غلاميءَ جي اک ٻوٽ پئي هلي آهي. هتان جي رهواسي چڪور جيان ڪنهن ڏوراهين چنڊ سان محبت ڪندا رهيا آهن . هن ڌرتيءَ تي ڄمندي ۽ هن ڌرتيءَ تي مرندي به ڪيترن جي محبت جا ڪعبا قبلا پنهنجي ڌرتي کان پري تمام گهڻو ڏور ڪڏهن اڀ ۾ ته ڪڏهن اوڀر ۾، ڪڏهن اتر ۾ ته ڪڏهن اولهه ۾ رهيا آهن. هو پنهنجي نسل کان وٺي نظرين ت ائين، پنهنجي ڌرتيءَ سان رشتي ناتي جوڙڻ ۾ عار محسوس ڪندا آيا آهن. ان ڪري تاريخ ٻڌائي ٿي ته هتان جي آزادي ۽ غلامي جو اونو هر دور ۾ آنڱرين تي ڳڻجڻ جيترن کي رهيو آهي. جن مان ڪيترا ته قوم جو مقدر به بدلائي نه سگهيا_ ان ڪري مقدر سندن آزاديءَ ۽ غلاميءَ جو فيصلو ڪيو آهي. کين پنهنجي باهمي اختلافن ڪري ڏک ڏسڻا پيا ۽ آزاديءَ جهڙي انمول سوغات وڃائڻي پئي ۽ ڀاڳن ڪري غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ملندو رهيو. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد جو پس منظر به اسان جي وڏڙن جي باهمي اختلاف ٻڌل آهي. اهوئي سب آهي جو چيو ويندو آهي ته : “ميرن کي گهران لڳي” مير هجن يا ڪلهوڙا پير، سومرا هجن يا سما هر دور جو آغاز حادثي يا اتفاق سان ٿيو ۽ هر دور جي پڄاڻي اختلافن سان ٿي. انهن اختلافن مان ئي اسان لاءِ غلامي ڪر کڻي ايندي آهي.
اسان جي تاريخ ۾ “انگريزن جو دور” به ائين ئي آيو. غلامءَ جو هرڪو دور اسان جي تاريخ تي اڻ مٽ اثر ڇڏيندو رهيو آهي. انگريزن جي دور اسان جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي جيڪي اثر وڌا، انهن جي جهلڪ هن ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي . سنڌ جي تاريخ جيان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ جي ڪهاڻي به عجيب آهي. اسان جا سمورا عالم ۽ محقق سنڌي ٻوليءَ جي عظمت جا قائل ته ضرور آهن، پر ان جي قدامت لاءِ ڪنهن به سائنسي نيادن تي ٻڌل راءِ قائم نه ڪئي پر لڳ ڀڳ هرهڪ عالم جي اهڙيءَ راءِ تي “مذهبي” “نسلي” يا “نظرياتي” رنگ چڙهيل نظر اچي ٿو.
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تاريخ ٻڌائيندي، اسان جي محققن ٽن دورن کي وڏي اهميت ڏني آهي. اهي آهن: سومرن جو دور”، “ڪلهوڙن جو دور” ۽ “انگريزن جو دور” . مقدار خواهه معيار جي لحاظ کان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب انهن دورن ۾ بي مثال ترقي ڪئي. غور سان ڏٺو ويندو ته انهن دورن ۾ انسان کي ڪيتريون هڪ_ جهڙايون به نظر اچن ٿيو، جهڙوڪ :
1- ٽنهي درون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ تي ڪم ٿيو. سومرن جي دور ۾ خوابن جي روحاني رهبر “چاليهه اکري” ٺاهي، ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم ابوالحسن “عربي سنڌي لپي” جوڙي ۽ انگريزن جي دور ۾ بارٽل فريئر جي ڪوششن سان انهيءَ لپي ۾ سڌارا ۽ واڌارا آندا ويا.
2- انهن ٽنهي دورن ۾ سنڌيءَ جي لپي “لسانيات” جي بنيادن تي نه، پر مذهبي عقيدت ، پرچار يا دٻاء جي اثر هيٺ ٺاهي وئي. خوابن جي روحاني رهبرن کي مذهبي پرچار ڪرڻو هو. ساڳيو مسئلو مخدوم ابوالحسن کي پڻ پيش آيو. هن کي مذهبي عقيدت ائين ڪرڻ تي آماده ڪيو. اهڙي نموني سان انگريزن جي دور ۾ وري مسلمانن جي اڪثريتي مذهب کي ڌيان ۾ رکي سنڌيءَ لاءِ “ديونا گري لپي” منظور نه ڪئي وئي.
3- ٽنهي دورن ۾ “لپيءَ” کي غير لسانياتي بنيادن تي ٺاهيندي به تعليم جي هڪ اهم اصول جو منهن مٿي ڪيو ويو ته جيڪڏهن انسان کي جهالت مان ڪڍڻو آهي ۽ هن کي علم جي نور سان سينگارڻو آهي ته پوءِ هن لاءِ تعليم جو بندوبست سندس “مادري زبان” ۾ ڪرڻو پوندو. انگريزن جي دور ۾ ته انهي اصول تي عمل پڻ ڪيو ويو. سنڌيءَ کي سرڪاري ۽ تعليمي ٻولي بڻايو ويو.
6- ٽنهي دورن ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب ۾ وسعت آئي . سومرن جي دور ۾ سنڌيءَ جي لساني جاگرافيءَ جون حدون وڌيون ۽ علم ادب ۾ نئين صنفن ۽ موضوعن جو اضافو ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ پڻ ائين ٿيو. اسان جي علم ادب کي نوان موضوع مليا ۽ ان جي صنفن ۾ واڌارو آيو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي مشرقي خواهه مغربي ٻولين ۽ انهن جي علم ادب کان استفادو ڪيو. ٻوليءَ ۾ نوان لفظ آيا ۽ نت نئين صنفن جو اضافو ٿيو.
انگريزن جي دور، پوءِ به ڪيترين ڳالهين ۾ سومرن ۽ ڪلهوڙن جي دور کان مختلف ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو. سڀ کان اهڪ ڳالهه هيءَ آهي ته سومرن ۽ ڪلهوڙن جو دور ڏيهي حڪمرانن جو دور هو. پر انگريزن جو دور “ڌارين جو دور” هو. ان ڪري ادب جو ڪارج ۽ ادب جا مقصد پڻ مختلف رهيا. “سومرن جي دور” ۾ حڪمران طبقي اختيار ۽ اقتدار جي مسئلي تي قوم کي گهرو لڙائي جي منهن ۾ ڏئي ڇڏي ۽ اهڙين حالتن ڌارين کي ڌرتي ڀيلڻ جو موقعو ڏنو. ان ڪري ٽنهن دور ۾ “قومي اتحاد” ئي ادب جو اهم مقصد بڻيو. سمن جي دور ۾ ساڳين حالتن کي ورجايو ويو ۽ سنڌ جي “قومي آزادي” کي خطرو لائق ٿيو ۽ ادب کي نئون مقصد ۽ نئون موڙ مليو. انگريزن جو دور “نج ڌارين جو دور” هو. ان ڪري “ڌارين کان ڇوٽڪارو وٺڻ” ئي سنڌي ادب جو اهم مقصد رهيو. پر جئين ته ڌارين پنهنجي حڪومت جو بنياد ئي رئيو “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي حڪمت عمليءَ تي ان ڪري ادب کي گروهي، نسلي ۽ مذهبي مفادن جي بچاءَ يا پرچار جو ذريعو پڻ بڻايو ويو.
“ڌارين جي راڄ” هڻن ڪري ، تنهن دور ۾ سنڌ جا ثقافتي، سماجي ۽ اخلاقي قدر پڻ سگهيا پر اهو دور واپس ورائڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي. تعليم جي ترقيءَ ۽ مسلمان مذهبي عالمن جي رويئي سبب غير مسلم طبقو نئون سماج جنم وٺڻ لڳو اهڙين حالتن پڻ نون قدرن، نظرين ۽ اصولن کي جنم ڏنو جنهن جي روشنيءَ ۾ سنڌي علم ادب کي پنهنجي وقت جو تقاضائون به پوريون ڪرڻيون پيون.
انگريزن جي دور ۾ لپيءَ جي سڌاري، ڇپائيءَ جي انتظام ۽ سنڌي جي تعليمي اهميت جي نتيجي ۾ ڪيترا اشاعتي ادارا قائم ٿيا. علمي ادبي جماعتون جڙيون، اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا. علم ادب ۾ مشرقي خواهه مغربي ادب جي صنفن جو واڌارو ٿيو. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب مقدار جو خواهه معيار جي لحاظ کان مثالي ترقي ڪئي.
هن دور ۾ سنڌ باقي دنيا لاءِ “بند ڪتاب” نه رهي. سنڌواسي تعليم ۽ تجارت سبب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويا. ان کان سواءِ ٻن مهاڀارين لڙائين ۾ کين سڌيءَ طرح شامل ٿيڻ جو م وقعو مليو. هنن جبان، جرمني، روس ۽ ترڪيءَ جي حالتن کي نه فقط ڏٺو، مگر انهن کي محسوس ڪيو ۽ اثر قبول ڪيو. اهي ڳالهيون پڻ اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب تي اثر انداز ٿيون.
انهن ڳالهين ڪري انگريزن جو دور اسان جي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، هن دور جو مطالبو اسان جي ڪيترن سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿو. جيئن ته هي دور ڪو “ماضي بعيد” نه آهي. پر ان دور جون ڪيتريون ڳالهيون، ڪيتروين حالتون ۽ ڪيترا اثر اسان پنهنجي دور ۾ محسوس ڪري رهيا آهيون . ان ڪري انگريزي دور جو مطالعو ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ اسان لاءِ مفيد ٿي سگهي ٿو.
ڪي مسئلا :
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي مختلف کيترن ۾ ڇٽيل ٻج هاڻي وڌي وڻ ٿي چڪو آهي. انڪري وقت اچي ويو آهي ته ان وڻ جي فائدن ۽ ميوي جي مزي جو به اندازو لڳائجي. هاڻي اسان کي ڏسڻ گهرجي ته ڪوئي انهيءَ وڻ جي ڇانو ۾ وسرام به ڪري ٿو يا مالهيءَ اهو وڻ اهڙي هنڌ تي پوکيو آهي، جتان بني بشر ته ڇا پر پکي پکڻ جو به گزر نه ٿو ٿئي. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته پاڻ اهو به ڏسئون ته هن وڻ ۾ ڪو هڳاءَ به آهي يا ڪنهن پٽ جو سهڻو ٽوهه بڻيو بيٺو آهي.
پاڻ اٺ پکيءَ جيان ڀلي ته پنهنجي وڪالت ڪندا رهون ۽ خوش فهميءَ ۾ مبتلا ٿيندا رهيون. پر هن حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي ته جيڪڏهن ادب ، سماج جو نقاد آهي ۽ سماج جي برائين تان پڙدو هٽائي ٿو، ته اهڙيءَ صورت ۾ سماج پڻ اديب، قلم_ڌڻي/ڏات_ڌڻي جي شخصيت ۽ ڪردار کي ڏسي ۽ پرکي ٿو. هو فوٽ پٽي کڻي قلم_ ڌڻي ۽ پنهنجي وچ واري مفاصلي کي ماپي ٿو ۽ ڏسڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته اديب ، شاعر، ليکڪ ، صحافي، سگهڙ ۽ دانشور کيس عملي دنيا ۾ ڪيترو ويجهو يا ڪيترو پري آهي. اهڙِ نموني سان هو دوربيني کڻي ڏسي ٿو ته جنهن قدر، نظريئي يا اصول جي قلم_ڌڻي تبليغ ۽ تائيد ڪري رهيو آ هي. ان تي پاڻ ڪيترو عمل ڪري ٿو ۽ ان سان پاڻ ڪيترو سچو آهي.
سامراجي سازش هجي يا قلم_ڌڻي جي شخصيت ۽ ڪردار جو عمل دخل هجي. پر هيءَ حقيقت آهي ته اڄوڪو عوام گهڻيءَ حد تائين پنهنجي عالم، اديب، ليکڪ، شاعر، صحافي، سگهڙ ۽ دانشورن کان خوش نه آهي. کيس هن لاءِ شديد اعتراض، ڏک ۽ ميارون آهن . اڄ جو ڏات_ڌڻي عوام کي اهڙن جوابن ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهي. ان ڪري اڄ اها وقت جي تقاضا آهي. ته ڏات_ڌڻي/قلم_ڌڻي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ۽ پنهنجي ادب کي آئينو بڻائي پنهن جي صورت ۽ سيرت کي مائروئڙن لائق بڻائي.
جيءَ جهاتي
انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته قلم، قلم_ڌڻي ۽ قلمي پورهئي جي حيثيت، اهميت ۽ افاديت جو جائزو ورتو وڃي. انهيءَ جائزي وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو ڏٺو وڃي ته :
1- مقدار ۽ معيار جي لحاظ کان اطمينان بخش: اسان جو علم ادب سنڌي سماج ۽ سنڌ واسين جي آئيندي تي به اثر انداز ٿيندو رهيو آهي يا نه؟ هن هيتري ساري ادبي پورهئي مان ڪنهن به ادبي شهپاري ماڻهن جو مقدر به بدلايو آهي يا نه؟ اسان جي لافاني قدرن کي اجاگر به ڪيو آهي يا نه ؟ سنڌي نفسيات ۽ فلفسي کي واضع ڪري گهيو آهي يا نه؟
جيڪڏهن انهن سوالن جو جواب نفي ۾ اچي ٿو ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ اهي ختم به ڪري سگهجن ٿا يا نه؟
2- قلم جي ڪارج ۽ قلم_ڌڻي جي حيثيت وقت ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ تبديل تيندي رهي ٿي يا انهن ۾ ڪڏهن به مٽ سٽ ٿيڻي ڪانهي. جيڪا جيڪڏهن مٽ سٽ ٿئي ٿي ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن.
3- ادب ۽ سماج جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو ناتو آهي. ادب سماج جو مطيع آهي يا نه؟ ادب وقت ۽ حالتن کي ڪيئن متاثر ڪري ٿو ۽ وقت جون حالتون ان تي ڪيئن اثر انداز ٿين ٿيون. سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو رهيو آيو؟
4- اديب ۽ ماحول جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو ٿئي ٿو يا ڪهڙو لاڳاپو هئڻ گهرجي؟ اديب، ماحول مان ڇا حاصل ڪري ٿو ۽ ماحول کي ڇا ڏئي ٿو. سماج ۾ هن جي ڪهڙي حيثيت هئڻ گهرجي؟ هو قدرن ۽ نظرين جو مبلغ آهي يا خالق آهي. هن کي اهي قدر يا پنهنجو پيغام علمي صورت ۾ ڏيڻ گهرجي يا عملي صورت ۾ .
اغراض و مقاصد :
انهن سوالن جي اطمينان بخش جوابن لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن به هڪ دور کي مثال بڻائي، ان دور جي “ادب ۽ ماحول” جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي. منهنجو هي قلمي پورهيو انهيءَ ڏس ۾ هڪ نماڻي ڪوشش آهي . جنهن جا مقصد آهن ته :
1- اهڙا طريقا ۽ ذريعا جوڙيا وڃن، جن کي مثال بڻائي ۽ جن مان استفادو ڪري هن کان اڳ اٿاريل مکيه سوالن جا جواب تيار ڪري سگهجن .
2- اهي طريقا ۽ ذريعا اصولن پٽاندڙ جوڙيا وڃن ۽ جيئن سنڌي تخليقي ۽ تحقيقي ادب ۾ پيل ٿيل خلا ڀرجڻ لڳي ۽ تحقيقي معيار مطابق سنڌي ۾ عام ڪتاب پڻ لکيا وڃن.
3- سنڌي ادب جي مکيه مسئلن يا وقت به وقت ٿيندا ٿيندڙ مسئلن تي جذباتي، نظرياتي يا گروهي بنيادن مطابق راءِ ڏيڻ بدران نج عملي، ادبي، تنقيدي ۽ تحقيقي بنيادن مطابق انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو ماحول پيدا ٿئي.
ڪم جو طريقو :
منهنجو هي ڪتاب تخيلق نه پر محبت_هاڻي تحقيقي محنت جو نتيجو آهي. مون هن ڪم جي پورائي لاءِ جيڪي ذريعا ڪم آندا آهن ۽ طريقا اختيار ڪيا آهن، انهن جو اختصار پيش ڪرڻ به ضروري ڄاڻان ٿو :
(الف) ذريعا : انگريزن جو دور هن ڪتاب جي جي ليکڪ جيتوڻيڪ پنهنجي اکين سان نه ڏٺو، پر پوءِ به اهو “ماضي قريب” جي حيثيت رکي ٿو. هن دور جون ڳچ جيتريون مشهور علي ع لمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون اڃا به زندهه آهن ۽ انهيءَ دور جو ڪافي قلمي پورهيو اڃا موجود آهي.
ڪتاب لکندي ليکڪ ٻنهي ذريعن: شخصيتن جي راءِ ۽ تنهن دور جي ڇاپي ادب مان فائدو ورتو آهي. جيتوڻيڪ انگريزن جي دور جي ڪنهن به شخصيت کان با ضابطه طور تي ”انٽرويو” نه ڪيو ويو آهي، پر ان هوندي به ڪيترين شخصيتن سان سالن جا سال گڏ گذارڻ يا ويجهي رهڻ ڪري ڪي تاثر ضرور قائم ڪيا آهن. جيئن ته اهي سموريون شخصيتون انگريزي دور ۾ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ فعال رهيو ۽ هنن سڌي خواهه اڻ سڌيءَ طرح انگريزن کان ڇوٽڪاري وٺڻ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو. ان ڪري کين پنهنجي ڪردار ۽ پنهنجي دور جي قلمي پورهئي لاءِ عزت ۽ احترام آهي ۽ هو ان تي فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪن ٿا، سندن خيال مطابق انگريزن جي دور ۾ “انگريزن کان چوٽڪارو” سڌي ادب پنهنجو اهو ڪارج ڀرپور نموني سان پورو ڪيو.
هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مکيه ذريعو ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن کي بڻايو ويو آهي. ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن مان جتيري قدر استفادو ڪيو ويو آهي. ان جي نشاندهي ٻن طريقن سان هن ڪتاب ۾ ڪئي وئي آهي . پهرين طريقي موجب هر هڪ باب جي آخر ۾ انهن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جا حوالا ڏنا ويا آهن . ٻئي طريقي موجب حوالن ڏيڻ بدران ڪنهن واقعي يا جماعت جي کاتي ۾ ڪتابن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن .
جيئن ته واقعن ۽ جماعتن جي کاتن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڏنا ويا آهن، ان ڪري اهڙن ڪتابن جا حوالا ڏيڻ يا کين ببليو گرافي ۾ شامل ڪرڻ سان هن ڪتاب (“ادب ۽ ماحول”) جي خواهه مخواهه ضخامت وڌي وڃي ها .
ساڳي نموني سان ڪتاب جو آخري باب، جيڪو پنهنجي ليکي انگريزي دور جي سياسي تاريخ جي جهلڪ جهڙي حيثيت رکي ٿو، باقي ٻين بابن جي ڀيٽ ۾ ضخيم هوندي به گهٽ حوالن سان سينگاريل نظر ايندو. جنهن جا ٻه سبب آهن :
پهريون ته اها معلومات انگريزي اخبار “ڊيلي گزيٽ” جي اڻ ڳڻين پرچن ۽ ڪيترن ڪتابن مان ورتي وئي آيو.. انهن سمورن حوالن ڏيڻ سان ڪتاب ۾ ويهارو کن صفحا وڌيڪ شامل ڪرڻا پون ٿا ۽ ڇپائي جو اجايو خرڇ برداشت ڪرڻو پئي ها. ان جو ٻيو سبب هي آهي ته انگريزي دور جي سياسي حالتن ۽ پارٽين تي منهنجي تحقيق مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪي آهي. انهيءَ پنهنجي اڳوڻي تحقيق مان، پنهنجي ڪتاب “سنڌ ۾ سياسي چرپر” جي مقدمي مان گهڻو استفادو ڪيو ويو آهي. ان ڪري پنهنجي ئي ڪتاب مان حوالا ڏيڻ مناسب نه لڳو.
(ب) طريقا : هن قلمي پورهئي لاءِ انگريزن جي دور (1843 کان 1947 تائين) کي مثال طور کڻي، ڪراچي کي “ڪيس اسٽڊي” بڻائي، انهيءَ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته “آدب” ۽ “ماحول” مان ڪهڙي ڌر وڌيڪ اثر رکي ٿي، سموري ڪم جو پورائو فقط “ڪتاب بنيءَ” مان ڪيو ويو آهي ۽ تحقيق جا ٻيا مکيه طريقا جهڙوڪ “انٽر ويوز” ۽ “سوالنامي ذريعي معلومات وٺڻ” وغيره کي لم آئڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي .
“ڪتاب بينيءَ” مان جيڪا معلومات حاصل ڪئي وئي آيو. ان کي جيئن جو تيئن بابن جي صورت ۾ هن ڪتاب ۾ “متن” طور ڏني وئي آهي. حاصل ڪيل انهيءَ معلومات جي تجزيئي ڪرڻ جو ڪم پڙهندڙن جي حوالي ڪيو ويو آهي، البت اخذ ڪيل نتيجن کي مثال ڏيڻ کان سواءِ هن ڪتاب جي “مقدسي” ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
(ت) حد بنديون : هي قلمي پورهيو لامحدود نه پر هڪ “محدود مطالعي” جي حيثيت رکي ٿو. جنهن جي حدبندي هن ربت ٿئي ٿي :
1- هن ڪتاب ۾ فقط انگريزن جي دور (1943 کان 1947) کي مثال طور کنيو ويو آهي.
2- هن مطالعي لاءِ ڪراچي کي ڪيس اسٽڊي بڻائي، ان شهر جي تڏهوڪي علمي، ادبي، سماجي، تعليميءَ ۽ سياسي ماحول کي ڌيان ۾ رکيو ويو آهي . ڇو نه ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي جي حيثيت حاصل هئي (۽ آهي) ۽ هتان جي حالتن سموريءَ سنڌ کي پئي متاثر ڪيو .
ڪتاب جي شروعاتي ٽن بابن ۾ انهيءَ سبب ڪري، ڪراچي ۾ قائم ٿيل تنظيمن ۽ جماعتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ حساب سان سنڌي ادب جي کاتي بندي به ڪئي وئي آهي. يعني ته انهن بابن ۾ اڪثر ڪري اهڙن ڪتابن جا نالا ويا آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ لکيا يا ڇپيا ويا هئا.
4- ڪتاب جو آخري باب، جيئن ته “سياسي حالتن” جي جهلڪ ڏئي ٿو ۽ مطالعي هيٺ آيل دور ۾ سموري سنڌ جون سياسي حالتون هڪ جهڙيون رهيون. ان ڪري هن باب ۾ ڪراچيءَ بدران سموريءَ سنڌ کي ڌيان ۾ رکي سنڌ اندر لکيل يا ڇپيل ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي کاتي بندي ڪئي وئي اهي.
5- تنهن دور جي قلمي پورهئي مان فقط نثر واري حصي جي کاتي بندي ڪئي وئي آهي ۽ شاعريءَ لاءِ رڳو ضرورت وقت شاعرن جا نالا ڏنا ويا آهن.
6- هن قلمي پورهئي ذريعن “ادب ۽ ماحول” جي رشتي ناتي سمجهڻ لاءِ، تنهن دور جي قلمي پورهئي جي کاتي بندي ته ڪئي وئي آهي، پر “ادب” يا “ماحول” جي اثر پذيريءَ جا “ادب يا قلمي پورهئي” مان مثال نه ڏنا ويا آهن.
مثال طور “مذهبي ڇڪتاڻ” وارين حالتن جو ذڪر ڪندي اهو ته ٻڌايو ويو آ هي ته حڪم فتح محمد سيوهاڻي ”فتح محمدي” ڪتاب لکيو. پر ان ڪتاب مان ڪي ٽڪرا مثال طور نه ڏنا ويا آهن. اهڙي نموني جيئن “خلافت تحريڪ” دوران جيڪو “خلافتي ادب” پيدا ٿيو. ان جي نشاندهي ته ڪئي وئي آهي، ليڪن اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته شاعرن ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪيئن شعر چيا ويا ڪتابن ۾ ڪهڙو ڪهڙو مواد هو. ان ڪري هيءَ قلمي ڪوشش فقط تنهن دور جي “قلمي پورهئي” جي ماحول، واقعن ۽ جماعتن مطابق کاتي بندي جي حيثيت رکي ٿي.
قلمي پورهئيءَ بابت :
جيئن ته اسان اڃا سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي تحفظ ۽ ترقيءَ واري علمي دور مان گذري رهيا آهيون ، ان ڪري اسان جي قلمي ڪاوشن تي اڪثر ڪري ترتيب، سهيڙ، تاليف ۽، تصنيف ۽ تنقيد جو رنگ چڙهيل ٿئي ٿو . پر “تحقيقي نوعيت” جا ڪتاب آنڱرين تي ڳڻجڻ جيترا به شايع نه ٿا ٿين . جيڪڏهن ائين چئجي ته اسان وٽ تحقيقي ڪتاب لکيا ۽ ڇپيائي گهٽ ٿا وڃن ته، ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو .
تحقيق جي کاتي فقط اهي ڪتاب اچي سگهن ٿا ، جن ۾ ڪنهن هڪ مسئلي کي کنيو وڃي. ان بابت قائم ٿيل مختلف راين ۽ خيالن جي چٽا ڀيٽي ڪئي وڃي. پوءِ پنهنجي ۽ پرائي مشاهدي خواهه تجربي، ۽ پنهنجي مطالعي جي آڌار تي معلوماتي ذريعن ۽ وسيلن مان “ڪچو مواد” حاصل ڪيو وڃي. پوءِ انهيءَ معلوماتي مواد جي تصديق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، قائم ڪيل مفروضن، راين ۽ خيالن کي ڀيٽيو وڃي. آخر ۾ ان ڀيٽ جي بنياد تي انهن مختلف مفروضن، راين ۽ خيالن جي ترديد يا تئيد ڪري، ڪنهن هڪ نتيجي تي پهچجي.
هي قلمي پورهيو هڪ ئي وقت تي “سروي رپورٽ” “سنڌي ادب جي کاتي بندي” ۽ “تحقيقي ڪاوش” جو گڏيل روپ آهي. “سروي رپورٽ” انهيءَ لحاظ کان ته هن ڪوشش ذريعي انهيءَ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته “وقت جي حالتن ڪيتري قدر سنڌي ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو آهي. هن ڪم کي “سنڌي ادب جي کاتي بندي” ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو قلمي پورهيو جيڪو وقت جي مختلف حالتن هيٺ لکيو ويو آهي، ان کي انهن حالتن ۽ واقعن جي کاتي ۾ شامل ڪيو ويوآهي . هي ڪم انهيءَ ڪري “تحقيقي نوعيت” جو چئي سگهجي ٿو جو ان ۾ مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ مختلف حالتن، واقعن، جماعتن ۽ تنظيمن جي ڄاڻ، کوجنا جي بنياد تي هٿ ڪئي وئي آهي.
هيءَ قلمي ڪاوش اسان جا ٻه ڪارج پورا ڪري ٿي. ڪتاب جو پهريون حصو، جيڪو “مقدمي” تي ٻڌل آهي: ان ۾ ڪن اهم سوالن کي اٿاري ليکڪن ۽ پڙهندڙن جو توجهه ڇڪرايو ويو آهي. انهن ئي سوالن جا مختصر جواب ڏئي. ڪتاب جي “متن” کي تصديق ۽ شاهدي طور پيش ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو “متن” وڌيڪ مطالعي لاءِ راهون به کولي ٿو ۽ ڪنهن به دور جي ادب جي کاتي بندي ڪرڻ مثالي حيثيت پڻ رکي ٿو .
هيءَ قلمي ڪاوش اسان لاءِ انهيءَ ڪري به اهميت رکي ٿي ته ان کي “موضوعاتي ڪتاب” بنائي، ڪنهن موضوع يا ڳالهه جي وضاحت، وڪالت، ترديد يا تائيد ڪرڻ بدران، تحقيقي انداز اختيار ڪري هڪ اڌ مسئلي تي وڌيڪ مطالعي ڪرڻ لاءِ معلومات گڏ ڪئي وئي آهي.
موتين هيٺ : 
ڪتاب جي متن مان انهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب دل ترقي ڪئي. زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ سنڌ واسين پنهنجي ٻولي ۽ علم ادب جي خذمت ڪئي، پنهنجي زبان کي ترجيح ڏني ۽ ان کي ئي پنهنجي خيال جي اظهار جو ذريعو بڻايو. جيتوڻيڪ انهيءَ دور جي لکيل پڙهيل ماڻهن انگريزي زبان جي تعليم ورتي، پر پنهنجي ئي مادري زبان ۾ لکيو . ڪتاب جو متن انهيءَ ڳالهه جي به تصديق ڪري ٿو ته وقت جي سماجي، تعليمي ، مذهبي ۽ سياسي حالتن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر ڇڏيو ، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ “نج ادب” “نظرياتي ادب” ۽ “سياسي ادب” جو اضافو ٿيو . ڪتاب جي هن متن ۽ انگريزن جي دور جي حالتن کي ڌيان ۾ رکي انهن سوالن جا جواب پڻ تلاش ڪري سگهجن ٿا . جيڪي هن ئي مقدمي ۾ اٿاريا ويا آهن :
1- ادب ۽ ماحول : ادب ، “قوميت” ۽ “ڪلچر” جي جز يا عنصر جي حيثيت رکي ٿو . “قوميت” جي وصف ٻڌائيندي ، علم سياست جي عالمن “ٻولي” کي “قوميت” جو عنصر ٻڌايو آهي . ٻولي ، ادب کي جنم ڏئي ٿي ۽ ادب ٻولي کي ترقي وٺرائي ٿو . اهڙي نموني سان “ڪلچر” جي علم جي ڄاڻن “ادب” کي به مذهب وانگر “ڪلچر” جو جز ڄاڻايو آهي . ان ڪري ڪلچر ، ادب جي تخيلق ڪري ٿو ۽ ادب ڪلچر جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو باعث بڻجي ٿو .
بنهه اهڙو رشتو “ادب” ۽ “ماحول” ۾ موجود هوندو آهي. ادب ماحول، وقت ۽ حالتن کان ڪچو مال وٺي، انهن جو اثر قبول ڪري ٿو ۽ انهن ٿي اثر انداز ٿئي ٿو . ٿلهي ليکي هرهڪ دور ۾ ٽن قسمن جو ادب پيدا ٿيندو رهندو آهي . “وقت ۽ حالتن جي پيداوار” ، “وقت ۽ حالتن جي اثر جيجهلڪ ڏيندڙ” ، ۽ “وقت ۽ حالتن کان بي نياز ادب” “وقت ۽ حالتن جو پيدا ٿيل ادب” ڪنهن دٻاء يا رد_عمل طور جنم وٺندو آهي. مثال طور انگريزن جو دور غلامي، بي چيني، غربت، ڏاڍ ۽ اختلافن جو دور هو. زندگيءَ جا مختلف شعبا (معيشت، سماجي حالتون، مذهب، تعليم ۽ سياست) ڌارين جي راڄ ڪري بريءَ طرح مجروع ۽ متاثر ٿي رهيا هئا . جيتوڻيڪ عام حالتن ۾ زندگيءَ جي انهن مختلف شعبن جي الڳ حيثيت ۽ اهميت ٿئي ٿي . پر اهي وقت جون حالتون ئي آهن ، جيڪي کين الڳ به رکن ٿيون ۽ ڌار به رکن ٿيون .
بنهه ائين جيئن معمولي حالتن ۾ وات ، هٿن ۽ ڄنگهن جو ڪم الڳ الڳ ٿئي ٿو . پر ويڙهائيند ۾ “وات” سان دشمن کي چڪ پائي سگهجن ٿا .“هٿن” سان وڙهي سگهجي ٿو، “ڄنگهون” لتن هڻڻ لاءِ ڪم اني سگهجن ٿيون، ۽ “مٿي” سان ٽڪر هڻي سگهجن ٿا. اهڙي نموني سان ڏاڍ ، ڏمر ، بک ، بيروزگاري استحصال ، غلامي ۽ بدامنيءَ وارين حالتن ۾ زندگيءَ جي سمورن شعبن جي حيثيت بدلجي ويندي آهي . خطري وارين سياسي، سماجي، مذهبي، اقتصادي ۽ تعلمي حالتن ۾ قلم جي ويڙهه مخصوص انداز اختيار ڪري ٿي ۽ اهڙو ادب يا “قلمي پورهيو” تخليق ڪري ٿي، جيڪو وقت ۽ حالتن جي پيداوار هوندو آهي . هنن حالتن ۾ ادب زندگيءَ جي مختلف شعبن جي قدرن، نظرين ۽ اصولن جي تحفظ ۽ تبليغ جو ذريعو بڻجي ويندو آهي انهيءَ حقيقت جي ثابتي اسان کي هن ڪتاب جي “متن” مان پڻ ملي ٿي.
اهڙين ئي ابتر حالتن ۾ قلم_قبيلي جو ڪجهه حصو ملازمت، ذريعه معاش، غلط فهمين، روشن مستقبل بابت غير يقيني وارين مجبورين، قيادت جي اڻ هوند، باهمي اختلافن ۽ گروهي تضادن وارين حالتن کان متاثر ٿي وچٿري، مبهم يا غير جانبداري تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪندو آهي. ان ڪري سندس قلمي ڪاوشن تي تمثيلن ۽ تشبيهن جو رنگ چڙهيل هوندو اهي، هن جو قلمي پورهيو وقت ۽ حالتن جي پيداوار ته نه هوندو آهي، پر ان تي وقت ۽ حالتن جو اثر ضرور چڙهيل نظر ايندو آهي. اهڙو “قلمي پورهيو” ۽ اهڙا “قلم_ڌڻي” جيئن وڌندا ويندا، تيئن تيئن “عوام ۽ اديب” ۽ “عوام ۽ ادب” جي وچ ۾ خليج پڻ وڌندا ويندا. انهيءَ وقت “ادب” جيان “اديب” جي شخصيت، حيثيت ۽ اهميت به اوکي ۽ نه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ٿيندي ويندي. عوام جيڪڏهن اهڙي “اديب” جي روحاني راز يا اصلي معنيٰ کي سمجهي به ويندو ۽ قلم_ڌڻيءَ جي اشارن جا مطلب به ڪڍي ويندو، ليڪن “تخليق” ۽ “تخليق ڪار” جي وچ ۾ ڪوبه لڳايو ڏسي نه سگهندو. هنن حالتن ۾ قلم_ڌڻي فقط “ناصح” بڻجي وڃي ٿو ۽ اهڙيون نصحتون ڪري ٿو، جيڪي ٻين لاءِ هونديون آهن ۽ جن تي پاڻ عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه ٿو رهي. اهڙو ادب وقت جون تقاضائون ته پوريون نه ٿو ڪري، پر وقت ۽ حالتن جو اولڙو ضرور بڻجي ٿو. اهڙو ادب عوام لاءِ نه پر آئيندي جي محققن لاءِ ئي مفيد ٿي سگهندو آهي. انگريزن جي دور ۾پڻ اهڙو ادب پيدا ٿيو، پر اٽي ۾ لوڻ برابر. ان ڪري انهيءَ دور ۾ “عوام ۽ اديب” جي وچ ۾ ايتري دوري نه رهي .
هن دور ۾ اهڙو ادب پڻ پيدا ٿيو جيڪو وقت ۽ حالتن کان بنهه بي نياز هو. اهڙي ادب پيدا ٿيڻ جا ٻه مکيه سبب هئا. پهريون سبب هيءُ هئو ته آنڱرين تي ڳڻجڻ جيترا ڪي قلم_ڌڻي، جيڪي حالتن جي مدد سان مڇيءَ مانيءَ لائق ٿي چڪا هئا ۽ جن کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي آس هئي. انهن وقت ۽ حالتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وقت جي حڪمرانن کي ڀلائي جو سرچشمو ڄاڻي نه فقط انهي جا ڳڻ ڳايا پر سندن مخالفن تي ڇوهه پڻ ڇنڊيا. وقت جي حڪمرانن جا ڳڻ ڳائڻ وارا يا سندن مخالفن جي مخالفت ڪندڙن پوءِ به ڪنهن حد تائين ڄڻ ڪي وقت ۽ حالتن جو اثر قبول ڪيو.
پر هن دور ۾ ڪن شخصيتن نج علمي ادبي ۽ تحقيقي بنيادن تي ڪم ڪيو. هنن ٻوليءَ جي خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو “مشن” بڻائي تخليق، ترجمي ۽ تحقيق جو ڪم ڪيو جيتوڻيڪ انهي قلمي پورهئي جا ٻيا “محرڪ” موجود هئا. پر ان کي پوءِ به نج علمي، ادبي، تحقيقي ۽ فني پورهيو چئبو .
مطالعي هيٺ آيل دور ۾ ابتدائي ليکڪن، عالمن ۽ محقق اهڙي قسم جو قلمي پورهيو ڪيو. پر ان کي هن ڪتاب جي موضوع، مواد ۽ متن کان پري رکيو ويو آهي.
اختصار طور ائين چوڻ ڪافي ٿيندو ته انگريزن جي دور ۾ گهڻي کان گهڻي ادبي پورهئي تي وقت ۽ حالتن جو اثر ٿيو يا وقت ۽ حالتن اهڙي قسم جي ادبي پورهئي کي تخليق ڪيو. پر هاڻي اها ڳالهه ڏسڻي آهي ته انهيءَ “قلمي پورهئي” وقت ۽ حالتن تي به اثر ڇڏيو يا نه.
2- ادب ۽ ان جي اثر پذيري :انگريزن جي دور ۾ قلم، قلم_ڌڻي ۽ قلمي پورهئي فرنگي سرڪار کي رت ڪري ڏنو هو. اهي قلم_ڌڻي جن وقت ۽ حالتن جي تقاضا پوري ڪندي قلم پورهيو ڪيو. انهن کي سرڪار جي ڏاڍ ۽ ڏمر جو به نشانو بڻجڻو پيو. انهيءَ دور ۾ ڪتابن تي بندش به پئي ته اخبارن ۽ رسالن کي ضمانتون به ڏيڻو پيون. مشهور اخبارن جا لڳ لڳ سمورا ايڊيٽر جيلن ۾ به ويا . پر پوءِ به سوال پيدا ٿئي ٿو ته مطالعي هيٺ آيل دور جي ڪنهن نه نج ادبي شهپاري، سياسي مذهبي ادب ڪو انقلاب به پيدا انداز ٿيو؟ شايد ان جو جواب “ها” به ٿي سگهي ٿو، ۽ ان سلسلي ۾ هي مثال ڏئي سگهجي ٿو ته جڏهن “جليانوالا ڪوس” کان متاثر ٿي دادي ڄيٺل پرسرام “جڏهن ڪات ڪلالن ڪڍيا” جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو يا جڏهن “خلافت تحريڪ” جي زماني ۾ “الوحيد” جي ايڊيٽرن ايڊيٽوريل لکيا ته وقت جي سرڪار کي نڪ ۾ دم اچي ويو.
پر ان تصير جو ٻيو رخ به موجود آهي . اهڙي قلمي پورهئي ڌاريئي دشمن کي ته هوشيار ضرور ڪيو. پران ادب يا قلمي پورهئي سنڌ ۾ ڪوبه انقلاب نه آندو. ان جي برعڪس اهڙي ادب “وقتي ۽ جذباتي تقاضائون” پوريون ڪيون. حالتن کي موڙڻ بدران انهن ۾ شدت پيدا ڪئي . ڪن صورت ۾ سنڌواسين کي صحيح دڳ تي آڻڻ بدران تباهي ۽ برباديءَ جي ڪناري تي وٺي آيو. خاص طور تي “شدي ۽ سنڳٺن جي تحريڪ” ۽ “مسجد منزل گاهه واريءَ تحريڪ” دوران پيدا ٿيل نج سياسي ۽ مذهبي ادب حالتن کي سڌارڻ بدران انهن کي بگاڙيو ۽ انساني جانين جي قرباني ورتي.

No comments:

Post a Comment