Friday 21 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd October) By: Dr. Pathan




** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار ميونسپل ايڪٽ جي حوالي
 سان ڪراچي جي شهرين جي درخواست کي منظور ڪرڻ جو فيصلو 
ڪيو ۽ انهيءَ تي اعتراض گهرائڻ جو اعلان ڪيو.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور سازش ڪيس ۾ نامزد ڀڳت سنگهه
 ۽ بيتو ڪيشور دت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڀڳت سنگهه عدالت کي
 ٻڌايو ته ساڻس خراب سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته دت جو
 چوڻ هو ته پوليس سندس سيني تي ڪيتريون ئي لتون هنيون آهن،
 جنهن ڪري کيس ڌڪ لڳا آهن، ٻنهي ڄڻن کي هٿڪڙيون لڳائي 
عدالت سامهون پيش ڪيو ويو هو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندو مهاسڀا جي صدر يونٽي
 ڪانفرنس ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري
 معاملي کي پڻ شامل ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قمبر ۾ انجمن فداءِ اسلام جي
 گڏجاڻي مولانا نورنگي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ فلسطينين 
جي مدد لاءِ ڪاميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قمبر 
تعلقي لاءِ مولانا محمد نورنگي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهي وئي،
 جڏهن ته قمبر شهر لاءِ غلام محمد خان جي صدارت ۾ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان باضابطا طور
 تي لکت ۾ جاري ڪيو ويو ته هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار هندستاني 
مهاجر پاڪستان ۾ پهچي ويا آهن.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو نواب احمد
 قصوري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، هن پنهنجو بيان ٽن
 ڪلاڪن ۾ رڪارڊ ڪرائي هڪ نئون مثال قائم ڪيو، ان کان
 اڳ ۾ ڪنهن جو به ايترو ڊگهو بيان رڪارڊ نه ڪيو ويو هو.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي آمر ضياءُالحق 
سان ڳالهيون شروع ڪيون، جنهن ۾ ان وقت جي سياسي صورتحال
 ۽ چونڊن جا معاملا غور هيٺ آيا.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت 68 ماڻهن کي
 الذوالفقار تنظيم سان لاڳاپن جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي اڳواڻ
 ميان طفيل قاضي حسين احمد سان اختلافن سبب استعيفا ڏئي ڇڏي.

No comments:

Post a Comment