Wednesday 19 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (19th October) By: Dr. Pathan


** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪيپٽن برنس پنهنجي حڪومت کي
 آگاهي ڏني ته مير رستم خان شاهه شجاع الملڪ کي خط لکي سندس
 حڪومت بابت وضاحت ڪئي آهي ۽ کيس خاطري ڪرائي آهي
 ته هو شاهه شجاع الملڪ جي بادشاهت جي بحالي کي تسليم ڪري
 ٿو ۽ ٿورائتو آهي، جڏهن ته هو سندس حڪومت سان پنهنجي سهڪار
 کي وڌائيندو، ان پسمنظر ۾ شاهه شجاع الملڪ مير رستم خان جي
 ساراهه ڪئي ۽ کيس سندس سهڪار جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.
**1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر چارلس نيپيئر هندستاني 
سرڪار کي خط لکيو ته شڪارپور ۽ سکر وچ ۾ نئون پڪو
 روڊ ٺاهيو وڃي، ان لاءِ هن پنهنجو پروپوزل پڻ موڪلي ڏنو.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن ۾ اينٽي پاڪستان ليگ نالي تنظيم 
جو قيام عمل ۾ آندو ويو، اها تنظيم مسلم ليگ جي پاڪستان جي حمايت
 ۾ هلندڙ مهم کي روڪڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مختلف ريل گاڏين رستي وڌيڪ 3250 مهاجر
پاڪستان پهتا. واضح رهي ته ريل گاڏيءَ کانسواءِ پيادل ۽ ٻين ذريعن سان
 به مهاجر سنڌ آيا، جن کي باقاعده رهائش جا انتظام ڪري ڏنا ويا.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عالمي بئنڪ پاڪستان کي ريلوي نظام جي
 توسيع لاءِ 31 هزار ڊالر قرض فراهم ڪيو. ان حوالي سان پاڪستاني
 اختيارين عالمي بئنڪ سان معاهدو ڪيو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فاطمه جناح راج شاهي ۾ تقريب کي خطاب
 ڪندي چيو ته عام ماڻهو اپر ڪلاس جي ماڻهن کي پسند نٿو ڪري پر
 عام ماڻهن کي هڪ سازش تحت هن وڏي ڪلاس جي ماڻهن نظرانداز ڪيو آهي.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ ڪلين اپ آپريشن دوران ٻڌايو ويو
 ته 24 ڌاڙيلن کي ماريو ويو آهي ۽ 5 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بينظير ڀٽو کي ٻيو ڀيرو  وزيراعظم چونڊيو ويو، 
قومي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ پيپلزپارٽي جون 121 سيٽون هيون، جڏهن ته
 نواز شريف 72 سيٽون کنيون. ان کان اڳ بينظير ڀٽو 1988ع ۾ وزيراعظم ٿي هئي.

No comments:

Post a Comment