Saturday 29 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th October) By: Dr. Pathan



** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر
 کي آگاهي ڏني وئي ته سرور خان لوهاڻو جي اڳواڻي ۾ ويندڙ قافلي مان 
اٺ ڦر ڪيا ويا آهن، اهو معاملو سنڌ جي حڪمرانن ۽ شڪارپور جي
 گورنر جي نوٽيس ۾ ڏنو ويو آهي، گورنر شڪارپور تقي شاهه ان 
حوالي سان جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ڳنڍيو ويو
 ۽ هڪ نئون نظام متعارف ڪرايو ويو، بمبئي سرڪار سنڌ ۾ ڪمشنر
 مقرر ڪرڻ ۽ ٻين انتظامي معاملن جي منظوري ڏني، ڪمشنر کي هدايت
 ڪئي وئي ته هو سنڌ ۾ مقرر سول ۽ فوجي اختيارين سان رابطو ڪري
 ۽ سول آفيسرن جي تحفظ جي حوالي سان قدم کڻي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار طرفان جاري ڪيل پڌرائي 
۾ ڄاڻايو ويو ته هندستان جي شهر لڌيانا مان 76 هزار،
 دهلي مان 6 هزار، جالنڌر مان 3 هزار ۽
 هوشيارپور مان 3 هزار پناهگير پاڪستان پهتا آهن.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌي سياستدانن جي
 ٿيل گڏجاڻي ۾ سنڌ اينٽي ون يونٽ فرنٽ قائم ڪيو ويو، انهيءَ
 گڏجاڻي ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي،
 ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي فيض محمد، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽
 عبدالحميد جتوئي شريڪ ٿيا هئا، جن ون يونٽ جي
 خاتمي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ ايران 1875ع ۽ 1905ع
 ۾ طئي ڪيل سرحدن کي قبول ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي جي قيادت
 ايم اين اي احمد رضا قصوري کي نيڪالي ڏئي ڇڏي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال 
منصوبي جي منظوري ڏني وئي، جنهن لاءِ چيو ويو
 ته اٽڪل 5 لک ايڪڙ زمين پوکي لائق  ٿيندي.
** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا ڪشميري عوام سان زيادتين
 واري معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان سان ڏکڻ ايشيا 
غير مستحڪم ٿي سگهي ٿو، آمريڪا جي اهڙي بيان تي ڀارت احتجاج ڪيو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏکڻ آفريڪا ۾ جوڙيل سچائي ۽ 
مفاهمتي ڪميشن (ٽي آر سي) پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي،
 جنهن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ اڳوڻي صدر پي ڊبليو پوٿا 
سميت هزارين ماڻهن کي ذميوار قرار ڏنو  ويو.حڪمران جماعت 
نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻن تي به الزام عائد ڪيا ويا.
ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليئيشن ڪميشن اٽڪل اڍائي سالن ۾ ڪم مڪمل ڪيو،
 7 هزار ماڻهن معافي ڏيڻ جي درخواست ڪئي، صدر نيلسن 
منڊيلا اقتدار ۾ اچڻ بعد اها ڪميشن جوڙي هئي.
جنهن ۾ اٽڪل 21000 ماڻهن شاهديون پيش ڪيون.

No comments:

Post a Comment