Wednesday 26 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (26th October) By: Dr. Pathan


** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي جي حڪومت سنڌ ۾ مقرر
 پنهنجي عملدار ڪرنل پوٽينجر کي آگاهي ڏني ته بمبئي آرمي سنڌ
 ڏانهن پيشقدمي ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪمانڊ جرنل سر جان
 ڪين ڪري رهيو آهي، جيڪو بمبئي فوج جو ڪمانڊر ان چيف آهي،
جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي هڪ ٻئي انگريز عملدار ڪيپٽن برنس
 ڪرنل پوٽينجر کي انهيءَ خط جي ڪاپي موڪلي جيڪو مير نور محمد خان
 ٽالپر مير رستم خان کي لکيو هو، خط ۾ مير نور محمد رستم خان جي
 انگريزن سان وفاداري واري معاملي تي معاملا غور هيٺ آندا هئا.
** 1853ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر جاگيرن بابت ايڊيشنل ڪمشنر 
کي حڪم جاري ڪيو ته جاگيردارن کان مزدور وٺي روڊن جي تعمير
 ڪرائڻ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي جي انگريز سرڪار ڪراچي ۽
 حيدرآباد توڙي ٺٽي ۽ ڀڄ وچ ۾ ٽپال جو نظام شروع
 ڪرڻ جي انتظامن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فرنٽيئر ڪور ۽ اسڪائوٽس طرفان سالياني
 رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيرستان جي علائقي ۾ حالتون
 گذريل هڪ سال کان لاڳيتو خراب آهن.
** 1941ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ليگ فيصلو ڪيو ته 
سينٽرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو آئين ۾ ٿيل پنجين
 ترميم جو دفاع ڪيو، هن جو چوڻ هو ته اها ترميم ملڪ جي مفاد
 ۾ آهي، جيڪا آئين ۾ موجود رهڻ گهرجي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليوارن سياسي اڳواڻن مفتي محمود،
 پيرپاڳاري، پروفيسر عبدالغفور ۽ مولانا شاهه احمد نوراني خلاف
 توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي.

No comments:

Post a Comment