Tuesday 18 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th October) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ سنڌ تي تمام ڏکيا ڏينهن هئا،انگريزن جي ايجنٽن سنڌ جي 
حڪمرانن کي ورهائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون، 
باوجود ان جي جو اهي عوام ۽ ميرن وٽ ڪابه عزت حاصل نه ڪري رهيا هئا،
 اڄوڪي تاريخ تي ڪرنل پوٽينجر، ڪيپٽن برنس ۽ ٻين طرفان
 پنهنجي سرڪار کي خط لکيا ويا ۽ چيو ويو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني 
جا جٿا ڪجهه ڏينهن اندر سنڌ ۾ پهچندا، ڪرنل پوٽينجر چيو ته
 انهن مان ڪجهه اهلڪار ڪراچي موڪليا ويندا ته جيئن
 اهي ڪنهن اهم هنڌ تي قبضو ڪري سگهن.
** 1937ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مکي گوبند رام سنڌ جي صوبائي وزير
 طور عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس جاءِ تي 
ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻي کي مقرر ڪيو ويو.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قاضي فضل الله کي مسجد منزل گاهه
 تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سکر ويندي رڪ ريلوي اسٽيشن وٽ گرفتار ڪيو ويو.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي هندن اقليتن جي حقن 
لاءِ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو، حسين شهيد سهروردي چيو
 ته مان انهن جي مطالبن کي جائز سمجهان ٿو ۽ انهن جي تحريڪ جي حمايت ڪريان ٿو.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي سيفٽي
 ايڪٽ کي لاڳو رکڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي يوسف هارون پاڪستان مسلم ليگ 
جي نائب صدر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان طرفان پاڪستان جي داخلي
 معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تي پاڪستان سخت احتجاج ڪيو ۽ ان جي
 سفير کي هتان واپس ڪابل موڪلي ڇڏيو.
** 1957ع ۾ نئين وفاقي ڪابينا حلف کڻي ورتو، اڄوڪي تاريخ تي ٿيل حلف 
برداري واري تقريب ۾ آءِ آءِ چندريگر، يوسف هارون، مير غلام علي ٽالپر
 ۽ مولا بخش سومرو حلف کنيو، فيروز خان نون آمريڪا جي 
دوري تي ويل هو، ان ڪري هن هتي حلف نه کنيو، کيس چيو ويو
 ته اهو اتي ئي عهدي جو قسم کڻي.
** 1985ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي آئين ۾ بدترين اٺين ترميم
 جو بل منظور ڪيو، جنهن تي جنرل ضياءُ الحق اسيمبلي کي مبارڪون ڏنيون.
** 2007ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جلاوطني ختم ڪري ڪراچي پهتل اڳوڻي
 وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قافلي تي شاهراهه فيصل تي ڪارساز
 وٽ بم حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 600 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا.

No comments:

Post a Comment