Thursday 20 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th October) By: Dr. Pathan


** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار سنڌ ۾
 مقرر پنهنجي عملدار ڪرنل پوٽينجر سان رابطو ڪري آگاهي ڏني
 ته سمنڊ رستي فوجي دستا ڪراچي موڪلڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن،
 جڏهن ته فوجي انتظاميا ليفٽيننٽ ٽريشائر ۽ رمسي کي موڪلي
 رهي آهي، جيڪي ڪراچي پهچي صورتحال جو جائزو وٺندا.
** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هوم رول ليگ طرفان ڪراچي
 ۾ مهاتما گانڌي جي سالگرهه ملهائي وئي، ان حوالي سان خالق ڏنو
 هال ۾ سالگرهه جي تقريب منعقد ڪئي وئي.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان وضاحت جاري
 ڪئي ته اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخوا) ۾ نهرو جي پروگرامن ۾ اسان
 ڪابه رڪاوٽ نه وڌي آهي، ان معاملي جي پويان اسٽيبلشمينٽ جو هٿ آهي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قائداعظم محمد علي جناح لاهور جي هڪ
 يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنهنجي 3 جون واري پلان جو دفاع ڪيو،
 هن جو چوڻ هو ته 3 جون جي پلان کي تسليم ڪرڻ صحيح ڳالهه هئي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد ايوب کهڙو تي لڳايل پابنديون ختم 
ڪيون ويون ۽ کيس اليڪشن ۾ بيهڻ جي اجازت ڏني وئي، چيو وڃي ٿو
 ته هن کان سنڌ اسميبلي مان ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ
 لاءِ مٿس لڳل پابنديون ختم ڪيون ويون هيون.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويٽنام جنگ خلاف آمريڪا ۾ هزارين
 ماڻهو احتجاج ۾ شامل ٿي ويا، ڪئليفورنيا جي شهر آڪلينڊ ۾ وڏي
 انگ ۾ ماڻهن جنگ خلاف مارچ ڪيو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ نواب احمد قصوري ڪيس 
۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي
 مشتاق بابت اعتراض جوڳن رمارڪس جو نوٽيس ورتو.

** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گريناڊا جي وزيراعظم مائورس بشپ
 کي قتل ڪيو ويو، کيس فوجي اهلڪارن گوليون هڻي ماريو.هن جا
 ڪيوبا سان ويجها لاڳاپا هئا، هن سوويت يونين سان هٿيارن جو معاهدو به ڪيو هو.

No comments:

Post a Comment