Sunday 16 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (16th October) By: Dr. Pathan


**1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ پهريون اليڪٽرانڪ ٽيليگراف 
جي سهولت شروع ٿي، ڪياماڙي، گذري ۽ ٻين علائقن ۾ سرڪاري 
ڪمن لاءِ اليڪٽرانڪ ٽيليگراف کي ڪتب آندو ويو.
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سائين جي ايم سيد ڪاليج جي شاگردن 
۽ مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي اپيل ڪندي چيو ته اهي پولنگ اسٽيشنن 
تي پهچن ۽ ووٽ ڏين، واضح رهي ته حاجي مولا بخش سومري کي
 ايم پي اي جي سيٽ تي احمد خان سڌايو شڪست ڏني هئي،
 احمد خان سڌايو مسلم ليگ جو اميدوار هو، جڏهن ته سائين 
جي ايم سيد مسلم ليگ ڇڏي چڪو هو.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان
 جي قتل ۾ سيد اڪبر نالي جوابدار نامزد ڪيو ويو، برصغير جي
 تاريخ ۾ اهو ٻيو سياسي قتل هو، گانڌي ۽ لياقت علي خان حڪومتي 
پارٽين ۾ شامل هئا ۽ ٻنهي کي ڏينهن جو سرعام قتل ڪيو ويو.
** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته
 ڪابل جي حڪومت پاڪستان ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن ۽ بلوچستان ۾ پيدا
 ٿيل خراب صورتحال جي ذميوار آهي.
**1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسيحي برادري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
نان ايٽالين پوپ 58 سالن جي پوپ جان پال ٽو کي چونڊيو ويو،
ان حوالي سان ويٽيڪن ۾ وڏي تقريب ٿي، جنهن ۾ پوري دنيا مان 
مسيحي برادري جي روحاني اڳواڻن شرڪت ڪئي، واضح رهي
ته هو وڏي عرصي تائين پوپ جي عهدي تي رهيو.
**1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان پيپلزپارٽي اليڪشن ۾
 ڪاميابي کانپوءِ سنڌ ۾ سيد عبدالله شاهه کي وڏو وزير نامزد 
ڪري ڇڏيو. وڏ وزارت جي ٻين اميدوارن ۾ امين فهيم، قائم علي
 شاهه ۽ پرويز شاهه به شامل هئا، عبدالله شاهه وڏو وزارت نامزد 
ٿيڻ بعد اعلان ڪيو ته منهنجي پهرين ترجيح سنڌ ۾ امن ڪرائڻ هوندو.
**1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ
ڪري پ پ جي سينيٽر حسين شاهه راشدي کي نئون چيئرمين مقرر
 ڪيو ويو. بورڊ جي حوالي سان وڏي عرصي کان تڪرار هلي رهيو هو، 
جنهن جو آخرڪار سرڪار نوٽيس ورتو ۽ نئون چيئرمين مقرر ڪيو.

No comments:

Post a Comment