Monday 10 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th October) By: Dr. Pathan



** 1851ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جون سفارشون
 منظور ڪري ورتيون، جنهن ۾ هن اها تجويز ڏني هئي ته سنڌي اسڪرپٽ
 ۾ عربي ٻولي جا اکر شامل ڪيا وڃن. واضح رهي ته انگريز حڪومتي
 دور ۾ سنڌي اسڪرپٽ تي ڪم ڪيو ويو ۽ ان لاءِ هڪ ڪاميٽي به 
ٺاهي وئي، جنهن ۾ ٻولي جي ماهر ماڻهن کي شامل ڪري راءِ ورتي
 وئي، ان کانپوءِ الفابيٽ کي حتمي شڪل ڏئي عربي جا اکر شامل 
ڪرڻ بابت هندستاني سرڪار کان منظوري وٺي اها لاڳو ڪئي وئي.
** 1886ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي وقتي ڪمشنر جي ايم 
ميڪ فرسن جي صدارت ۾ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جوڊيشل ڪمشنر
 اي ٽي ڪينڊي، ڪراچي جي ڪليڪٽر ڪرنل گرافورڊ، ڊينسو 
هال ادبي سوسائٽي جي باني ريو بيمبرج، تعليمي انسپيڪٽر ڪي
 بي پلانجي آدرجي ۽ اِي گائلز شرڪت ڪئي، جڏهن ته ديارام ڄيٺمل 
کي پڻ دعوت ڏني وئي هئي پر هو غير حاضر رهيو، گڏجاڻي ۾ سنڌ
 ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته
 جيئن پڙهيا لکيا ماڻهو نوڪرين ۾ اچي سگهن.
** 1925ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۽ هند ۾ ڏکڻ آفريڪي حڪومت
 طرفان ايشيا مخالف قانونسازي خلاف هڙتال ڪئي وئي ۽ جلوس ڪڍيا ويا.
** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ آگاهي ڏني
 وئي ته سنڌ ۾ مسلمانن جا ڪل ووٽ 60 هزار 838 ۽ هندوئن
جا ووٽ 67 هزار 87 آهن، انهن ووٽرن مان 
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا نمائندا چونڊيا ويندا.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ شامل
 ڪيو ويو.ان حوالي سان هڪ معاهدو به ڪيو ويو ته 
رياست جي جاگرافي حدن ۾ ڦيرڦار نه ڪئي ويندي ۽ رياست
 جي اميرن کي ساڳيو اعزاز حاصل هوندو.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم پاڪستان حسين شهيد
 سهروردي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو
 ڪاميٽي مطالبو ڪيو ته چونڊن کان اڳ ۾ سڌارا آندا وڃن ته جيئن ڌانڌليون نه ٿي سگهن.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس (پي اين اي)
 مطالبو ڪيو ته چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو وڃي، 
جڏهن ته پيپلزپارٽي چونڊن کي ملتوي ڪرڻ واري مطالبي جي مذمت ڪئي.
** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي هڙتال جي 
سڏ تي مليل جليل ردعمل ظاهر ٿيو،
 مختلف شهرن ۾ پوليس سان چڪرين ۾ 8 ڪارڪن مارجي ويا.

No comments:

Post a Comment