Sunday 30 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th October) By: Dr. Pathan



** 1875ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر اي ايم ايڇ فلٽن
 نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته سنڌ جي هاءِ اسڪولن ۽ اينگلو ورڪيول
اسڪولن ۾ ڊرائنگ سيکاريندڙ استادن کي ماهوار 50 رپيا پگهار ملندي
پر ان سان گڏوگڏ اهو به ضروري آهي ته هنن استادن کي مئي 1876ع کان
 ديوناگري سنڌي جو امتحان به پاس ڪرڻو پوندو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ خلافت ڪاميٽي جي سڏ تي صوبي ۾
 هڙتال ڪئي وئي، جلوس ڪڍيا ويا ۽ عوامي گڏجاڻيون ٿيون.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مک سياسي پارٽين سائمن ڪميشن جي
بائيڪاٽ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو، انهن تنظيمن ۾ ڪانگريس سڀني کان اڳتي هئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حڪومت پريس پڌرائي جاري ڪري ڄاڻايو
ته 35 هزار مهاجر هڪ ڏينهن ۾ ڀارت کان پاڪستان پهتا آهن.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن گورنر جنرل کي
اپيل ڪئي ته راولپنڊي سازش ڪيس ۾ نامزد ڪيل سڀني ماڻهن کي فورن
 آزاد ڪيو وڃي، واضح رهي ته انهي ڪيس ۾ ناليواري
شاعر احمد فراز کي به نامزد ڪيو ويو هو.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آرمي چيف جنرل اسلم بيگ چيو
 ته وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف ايندڙ بي اعتمادي جي رٿ جمهوري عمل جو حصو آهي.
** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوجي آفيسرن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويو،
انهن آفيسرن ۾ جنرل ظهير الاسلام عباسي، برگيڊيئر مستصر بلا، ڪرنل
 محمد زاهد منهاس ۽ ڪرنل عنايت الله خان شامل هئا.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف سنڌ ۾ بدامني
سبب لياقت علي جتوئي کي وڏ وزارت تان هٽائي صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري ڇڏيو.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف
کي موت جي سزا ڏيڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته عمر
 قيد جي سزا برقرار رکي. نواز شريف کي مشرف طرفان اقتدار تي
 قبضي بعد جهاز سازش ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو

No comments:

Post a Comment