Monday 10 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (10th October) By: Dr. Pathan


** 1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر
 سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙيون هلائڻ لاءِ انگريزن جي نيوي طرفان مقرر
 برٽش ايجنٽ ليفٽيننٽ ميڪسن کي خط لکي آگاهه ڪيو ته
 سنڌ جا حڪمران توهان جي مقرري کان چڱي ريت 
آگاهه آهن، توهان پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ادا ڪريو.
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مختلف
 شهرن ۾ پوسٽر ورهايا ويا، جيڪي عيدگاهه ۾ رکيل جلسي جي حوالي 
سان هئا، جان محمد جوڻيجو، عبدالغفار پيرزادو، مولوي محمد عاقل،
 سيٺ خداداد سرهيو، پير تراب علي شاهه، پير علي نواز راشدي، پير
 نورالدين شاهه پوسٽر ورهايا، انگريزن جي حڪومت خلاف طاقت 
جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي عيدگاهه ۾ وڏو جلسو رکيو ويو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ ورهاڱي
 وارو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هندستان
 کي ٻن فيڊريشنز ۾ ورهايو وڃي، هڪ فيڊريشن مسلمانن جي
 اڪثريت واري آبادي جي هجي، جڏهن ته ٻي فيڊريشن
 غير مسلم اڪثريتي واري آبادي جي هجي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي نئين پارٽي
 جامنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جو اعلان ڪيو پر اها پارٽي ايترو
 ڪامياب نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ ۽ ڪانگريس
 پارٽين سبب ماڻهو اڳ ۾ ئي ورهايل هئا.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب جي سيالڪوٽ ضلعي 
مان 3 هزار مهاجرن کان زرعي زمين خالي ڪرائي وئي.

No comments:

Post a Comment