Sunday 23 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (23rd October) By: Dr. Pathan



** 1838ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر ٿيل انگريز عملدار
 ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي رپورٽ پيش ڪئي ته مير 
نور محمد خان ٽالپر سندس سرگرمين مان خوش ناهي ۽ اهو 
به ممڪن آهي ته مير نور محمد ٽالپر کيس سنڌ ڇڏڻ جو 
حڪم جاري ڪري، جيڪڏهن هو اهڙو حڪم جاري ڪري ٿو ته
 آئون واپس پهچندس. واضح رهي ته انگريز سرڪار سنڌ تي قبضي
 کان اڳ ۾ سنڌ ۾ پنهنجا پوليٽيڪل ايجنٽ موڪلي ڇڏيا هئا، جن 
اچي سرگرميون به شروع ڪري ڇڏيون هيون.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي شهر هوشيارپور مان
 اٽڪل 60 هزار مهاجر پاڪستان  جي مختلف علائقن ۾ پهتا.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هنگري ۾ هزارين شهري روڊن تي
 نڪري آيا، انهن جو مطالبو هو ته سوويت يونين حڪومت کي
 ختم ڪيو وڃي، هنگري جي ڪميونسٽ پارٽي انهيءَ احتجاج جي
 اڳواڻي ڪري رهي هئي، هنن جو مطالبو هو ته اڳوڻي وزيراعظم 
امري نيگي کي ٻيهر وزيراعظم بڻايو وڃي.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لبنان جي گادي واري شهر لبنان
 ۾ ٻن بم ڌماڪن ۾ 126 آمريڪي فوجي ۽ 27 فرانسيسي اهلڪار
 مارجي ويا، اهي بم حملا فوجي هيڊڪوارٽرن تي ڪيا ويا،  ڏيڍ ٽن 
بارود سان ڀريل ٻن بسن کي فوجي هيڊڪوارٽر جي عمارت سان 
ٽڪرائي تباهه ڪيو ويو، جتي آمريڪي ۽ فرانسيسي فوجين جي
ڪئمپ قائم ٿيل هئي،  ڌماڪن سان عمارت تباهه ٿي وئي.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو اسلام آباد
 ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وولر بئراج جي حوالي
 سان آيل خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڄام صادق علي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ 
فارورڊ بلاڪ ٺاهي ڇڏيو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گهرو وزير نصيرالله بابر حڪم جاري
 ڪيو ته جماعت اسلامي کي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ جي ڪنهن 
به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي.جڏهن ته جماعت اسلامي هر صورت
 ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو. قاضي حسين
 احمد واضح ڪيو ته حڪومت رڪاوٽ وڌي ته نقصان به حڪومت جو ٿيندو.
** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت جي اعليٰ 
سطحي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڏو
هارين خلاف فوجي آپريشن جاري رکيو ويندو.

No comments:

Post a Comment