Wednesday 5 October 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (5th October) By: Dr. Pathan



** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ليفٽيننٽ ليڪي ساٿي 
عملدار ليفٽيننٽ وائيٽ لاڪ کي ٺٽي ۾ آگاهي ڏني ته هو فوجي دستن لاءِ 
اناج آڻڻ خاطر ٻيڙيون حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، ڇو ته 
مهاڻن اناج کڻڻ کان جواب ڏنو آهي، واضح رهي ته ان دور ۾
 مهاڻن کي انگريزن جي نيت جي خبر پئجي وئي هئي، انهن کي 
معلوم ٿي ويو هو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني جو اصل مقصد ڇا آهي، 
سنڌ جي ماڻهن پنهنجي وطن کي بچائڻ لاءِ آخري دم تائين 
ڪوششون ڪيون پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا.
** 1924ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ جان محمد ڀرڳڙي جي
 رهائشگاهه تي سياسي اڳواڻن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾
 اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، 
ان حوالي سان سيد ميران محمد شاهه کي ڪانفرنس جي استقباليه 
ڪاميٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري نامزد ڪيو ويو،
 انهيءَ گڏجاڻي ۾ جي ايم سيد پڻ شرڪت ڪئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دهلي، جالنڌر، فتح پور ۽ ڀارت 
جي ٻين شهرن مان اٽڪل 10 هزار مهاجر سنڌ پهتا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دين محمد کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽي
 وزيراعظم محمد علي بوگرا جي اردو ۽ بنگالي کي
 قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ واري فارمولا جي منظوري ڏني، 
جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته اصل ۾ ٻن قومن واري ٿيوري
 ٻن قومي ٻولين واري ٿيوري سان لاڳاپيل آهي.
** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم سهروردي چيو ته
عوامي ليگ کي ون يونٽ واري پلان جي حمايت ڪرڻ گهرجي.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو 
اعلان ڪيو ته پاڪستان ملائيشيا سان بهتر لاڳاپا رکڻ جو خواهشمند آهي.
** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالقيوم خان ۽ ميان ممتاز
 دولتانه ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نظريي جي مخالفت ڪئي، 
هنن ڀٽي تي الزام لڳايو ته هو سوشل ازم جي 
نالي تي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ چاهي ٿو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آرمي چيف جنرل جهانگير 
ڪرامت ملڪ ۾ قومي سلامتي ڪائونسل جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي
 احتساب بينچ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جا ضمانت نه ٿيڻ 
جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

No comments:

Post a Comment