Sunday 18 September 2016

POPTI HIRANANDANI

POPTI HIRANANDANI WRITES TO ME
17th of September is Birthdate of the late Popti Hiranandani. She was a great lady of Sindhi Literature in India. When I was doing research work for the degree of Ph.D, I made correspondence with so many writers and scholars living in India, Singapore, Sri Linka etc. I earned friendship of Mangharam Malkani, Gangaram Samrat and Popti Hiranandani.
Popti Hiranandani wrote so many letters to me and those I published in Sindhi Paper of Karachi “AZAD”, edited by the late Ali Nawaz Wafai. On the eve of her Birthday, I am reproducing some of her letters. She is not with us today, but her memories and contribution is with us. (Dr. Dur Muhammad Pathan)


ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
ڪماري پوپٽي رامچند هيراننداڻي 17، سيپٽمبر 1924 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. هن وقت “ڪي. سي ڪاليج’’ بمبئي ۾ سنڌي جي پروفيسر آهي.
پوپٽي هيراننداڻي هند، سنڌ ۽ دنيا جو ڪيترائي دفعا سير ڪيو آهي. سندس شمار ڀارت جي پهرين صفحي جي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ شاعره، ايڊيٽر، مضمون نگار، افسانه نگار ۽ ناول نويس آهي. کيس ڪيترين ئي علمي توڙي ادبي جماعتن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو پئي مليو آهي. هن وقت جن ادارن، جماعتن ۽ سوسائٽين سان وابسته آهي، تن ۾ “ساھتيه اڪيڊمي’’ (صلاحڪار بورڊ جي ميمبر)، “سنڌي ساهت منڊل’’  (صدر)، “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ (جنرل سيڪريٽري)، “يونيورسٽي آف بامي’’ (بورڊ آف اسٽڊيز جي مميبر) جا نالا قابل ذڪر آهن.
هن ٻولي، علم ادب ۽ قوم لاءِ جو ڪجهه ڪيو آهي، انجو مختصر خاڪو سندس ئي خطن ۾ نظر ايندو.



24، ڊسمبر 1975 ع
پيارا ڀاءُ دعا سلام
جسونت ڪمار معرفت پتو پيو ته اوهين مادر زبان جي خدمت ڪندڙن بابت ڪجهه احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:
پتو:  41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي-25
ڪيرت ٻاٻاڻي- جنم نوابشاه- ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم  بهرو  وٺندڙ- سوڀي گيانچندڻيءَ جو شيش ۽ دوست- ترقي پسند ليکڪ- هن وقت “آل انڊيا سنڌي ٻولي ساهيته سڀا’’ جو  پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا رهندا آهن. “سنڌو ڌارا’’ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي- سندس ڪتاب ڇپيل:-
                      ·“هوءَ’’ (آکاڻيون) (2) “درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو’’ (آکاڻيون) (3) “سوريءَ سڏ ڪيو’’  (ناٽڪ) (4) “ساهت ۾ قدرن جو سوال’’ (تنقيدي مضمون)
هتي سنڌي ٻولي کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.
پوپٽي رامچند هيراننداڻي:- جنم حيدرآباد سنڌ ۾ - هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ “سنڌي ساهت منڊل’’، بمبئي- “ساهت اڪاڊمي’’ دهلي جي “ائڊوائيزري بورڊ ’’ جي ميمبر. سندس ڇپيل ڪتاب:-
آکاڻين جا مجموعا
                               ·“ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون’’ (2) “پڪار’’ (3) “ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو’’ (4) “مون توکي پيار ڪيو’’ (5) “خزان جو دور پورو ٿيو’’- (هيل تائين سترکن ڪهاڻيون ڇپيل)
ناول                  
                               ·“منجو’’ (2) “ حسرتن جي تربت’’ (3) “ جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’’
مضمونن جا ڳٽڪا
                               ·“هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون’’ (سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (2) “چرن چڻڪن چت ۾’’ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي آنرس لاءَ رکيل) (3) “ڀارت جي استري’’ (پوني يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) “ڀاشا شاستر’’ (Philology)  (ايم لاءِ، بمبئي پوني ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل)   (5) “زنده سا قوم رهندي’’ (سياست تي) (6) “سنڌي ساهت جي جهلڪ’’ (7) “روح سندي رڃ’’ (ادب لطيف) (8) “وويڪانند جي جيوني’’ (سوانح) (9) “شريمد ڀاڳوت’’ (مذهبي) (10) “ڪير’’ (سوانح) (11) “مان ڇا آهيان’’ (ويدانت).
ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 10،9،8 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت پيا پئدا ڪن، خير کپيو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٺيڪ طرح ٻڌائي نه سهگندو. ائين ته مٿاڇري تي ڪئين ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾ سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي. ساڻيهه جي ساٿين لاءِ سلام!
پوپٽي هيراننداڻي
51 سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5



51، سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان بمبئي
25، فيبروري 1976 ع
پيارا ڀاءُ دعا سلام
اوهانجو خط مليو. اوهانجي فارم کي اسان هتي سائڪلو اسٽائيل ڪرائي، پنجاه- سٺ ساهتڪارن، ايڊيٽرن، ۽ سنٿا هلائيندڙن ڏانهن پوست ڪري ڏياري موڪليو آهي. انهن کي عرض ڪيل آهي ته انهن مان هڪ هڪ اوهان ڏانهن جدا جدا پنهنجي سر تفصيل ڏياري موڪلي. جسونت ڪمار ۽ مان ساڳي سنٿا جا سيڪريٽري، ۽ جنرل سيڪريٽري (مان جنرل سيڪريٽري) آهيون، انڪري ڪم سانگي گڏجڻ پيو ٿيندو آهي. اوهانکي تسلي ڏيان ٿي ته اوهانجو ڪم وسريو ناهي، ياد آهي. اوهانجي خط بابت خبر ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پئي ته هن به اوهانجو خط ڪڍي ڏيکاريو. ٻاٻاڻي صاحب اسانجي سڀا جو پريزيڊنٽ آهي. ٻاٻاڻي ۽ مان روزانو هڪ آفيس ۾ ٽي ڪلاڪ گڏجي، سنڌي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪندا آهيون. انڪري جدا جدا خطن لکڻ جي ضرورت ناهي. ٻاٻاڻي کي لکو يا مونکي يا جسونت کي، ڳالهه ساڳي آهي.
اوهين ٻي ڪا خبر چار ڏيو. تازو منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ٻه مضمونن جا ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو. هڪ مضمونن جو ڪتاب ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار رکيا آهن، ڏينهن ٻن ۾ پريس ۾ ويندا. اتي جي خبر چار ڏيو. ڪهڙا ڪتاب پيا ڇپجن؟ اوهانکي ڪهڙا ڪتاب پسند آيا آهن؟ تازو اسان “سنڌو ڌارا’’ نالي هفتيوار اخبار چالو ڪئي آهي، جنهنجي ايڊيٽر مان آهيان. ان ۾ جسونت جي ڏنل اوهانجي ننڍي ڪوتا ڇپيسين. مان اوهان ڏانهن پنهنجون ڪوتائون (شعر) موڪليان ته ڇپائيندا؟ نئين ڪوتا جي طرز تي لکيل آهن. اوهانجو يا اوهانجا پيارا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ هڪ لعل جوڻيجو خيرپور نواسي هو انکي سڃاڻو؟ ڪهڙن ليکڪن سان واقفيت اٿو؟ خبر ڏيو.
پوپٽي هيراننداڻي





پرڏيهي عالمن جا خط (24 ڊسمبر 1979ع)
                                                  ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
پيارا ڀاءُ در محمد پٺاڻ
اميد ته ٺيڪ هوندا .
اوهان جو خط پهتو ، مهرباني . شامل فارم ڀري ٿي موڪليان .
انهيءَ مان ڄاڻندا ته اسان ڪهڙي نموني فارم سائڪلو اسٽائيل ڪرايا آهن . ڪي اديب آهن ، جن جو احوال اوهان کي اتي ملي ويو هوندو . جهڙوڪ: پرمانند ميوا رام ، ڏيا رام گدو مل ، لعلچند امر ڏنو مل ، ڄيٺمل پرسرام ، هوتچند گربخشاڻي ، ڪوڙو مل چندن  مل ، نانڪ رام ڌر مداس ، ليلا رام ڦيروڻي ، ساڌو هيرانند ۽ ساڌو نولراءِ ، ٻين جنکي اسان فارم موڪليا آهن ، سي آهن :
                     ·اجواڻي لعلسنگهه (هنجو مرتيو 20، اپريل 1976 ع تي ٿي ويو ! )
                     ·پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي- بمبئي 3- پروفيسر رام پنجواڻي – بمبئي 4- پروفيسر چتن ماڙيوالا- بمبئي 5- پروفيسر ڊي . ڪي منشا راماڻي- بمبئي 6- ڊاڪٽر هرومل  سدا رنگاڻي – دهلي  7- تيرٿ وسنت – دهلي 8- نارائڻ شيام- دهلي 9- آسانند ماستورا- بمبئي 10- خانچند ورياڻي (سرڳواسي)- بمبئي  -11 گوبند مالهي- بمبئي 12- آنند گولاڻي- بمبئي 13- ايم . آر مائيداساڻي- ڀوپال 14- تيرٿ وسنت- بمبئي 15- ديو سڀاڻي بمبئي -16 جڳت آڏواڻي-بمبئي -17 گوبند پنجابي- بمبئي 18- ڄيٺانند لعلواڻي 19- ڄيٺانند راشٽر وادي- حيدرآباد دکن 20 - کيئلداس فاني ڀوپال 21- پرڀداس برهمچاري- اجمير 22- دييچندر تلو ڪچند- اجمير 23- فتح چند واسواڻي (سرڳواسي) – اجمير 24- سڳن آهوجا (سرڳواسي) بمبئي 25- پرسرام ضيا (سر ڳواسي) – بمبئي  26- پروفيسر بي. ايڇ ناگراڻي – بمبئي 27- پروفيسر نارائڻ ڀمڀاڻي – اجمير  28- هري سندر روپ چند (سر ڳواسي) – اجمير  29- گنگارام سمراٽ – احمد آباد 30- بولچند راجپال (سر ڳواسي) – احمد آباد 31-  دوارڪا پرساد شرما (سر ڳواسي) – احمد آباد 32-  ميلا رام منگترام (سر ڳواسي) –  اجمير 33- گلي سدا رنگائي – بمبئي 34- ساڌو واسواڻي (سر ڳواسي) – پونو 35- ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻي  (سر ڳواسي)- 36 – منوهر داس ڪوڙ مل 37- سوامي ٻوڌراج (سر ڳواسي) – پونو 38- بهاري ڇاٻڙا 39- چيتن ديو ورما 40- چوهڙمل هندوجا 41- گوبند منسکاڻي 42- هوند راج “دکايل’’- گانڌيرام 43- هري دلگير – گانڌيرام 44- ليکو تلسياڻي .
ڏسو ، انهن مان ڪهڙا ڪهڙا ٿا اوهان کي جواب ڏين . مان هن سان گڏ، عزيز، ڪيرٿ ۽ پنهنجي باري ۾ فارم ڀري ٿي موڪليان .   پوپٽي هيراننداڻي
51، سنگيتا، بمبئي

79-12-24
مهربان ڀاءُ
اسلام عليڪم: اوهان جو خط  مليو، مهرباني . اڄڪلهه هتي نئين ڪوتا جو زور آهي . هرومل سدا رنگاڻيءَ ٻه مجموعا : “پرھ جي باک’’ ۽ ..............ڇپيا آهن . رجن شاد : “ تپسيا جون روشنيون’’ نالي هڪ مجموعو ، ۽ لڇمڻ ڀاٽيا : “ڪومل جيءَ جهروڪو’’ نالي مجموعو ڇپايو آهي ، جنهن تي کيس “ساهت اڪاڊمي’’ پاران 1976 ع جو انعام مليو آهي . ان کان پوءِ پروفيسر هريش واسواڻي “ 1-2-3’’ نالي مجموعو ۽ واسديو موهيءَ : “تضاد’’ نالي مجموعو ڇپايو آهي .
نئين ڪوِتا ڇا آهي؟ ان جي معلومات نه رکندي به ڪي رچندا رهن ٿا ، خود شاعر به هاڻ ان تي ئي قلم آزمائي ڪن ٿا . مون به ويجهڙائي ۾ هڪ مجموعو : “ روح سندي رڃ’’ ڇپايو آهي ، ۽ ان کان سواءِ ڪي ڪوتائون : “دي ادر وومن’’ (The other woman) ، “بائگمسٽ’’ (Bigomist)، “دن هيٺان دٻلي’’ ، “عورت جي ٻولي’’، “پتي’’، “آڀاس’’ وغيرھ ڇپايو آهن ، جن مان “پتي’’ ڪوتا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي هڪ انتخاب – جنهن ۾ سنڌي ڪوتائون ترجمو ٿيل آهن ، “Anthology of  Modern Poetry’’ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي ، “The husband’’ سري سان .
ساهت  اڪاڊميءَ’’ پاران ورهاڱي  کان “سنڌي شعر جو انتخاب’’ نالي ڪتاب ڇپيو آهي ، جو پروفيسر رام پنجواڻي ايڊٽ (Edit) ڪيو آهي . هن جو حساب پنهنجو آهي . جنهنڪري ڪي ڪي نالا جي کڻڻ کپن سي کنيا نه ويا آهن.
عزيز کان پوءِ سٺا سڳن آهوجا رچندو هو. ان بعد ارجن “حاسد ’__جو احمد آباد ۾ رهي ٿو ، تنهن رچيا آهن . سندس مجموعا : “ساسن جي سرهاڻ’’ ۽ “ پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا’’ ڇپيل آهن . جنهن ۾ پوئين ۾ تمام غزل آهن . عزيز جو شاگرد ايم . ڪمل آهي ، پر غزل جي فارم (Form) جي ڄاڻ رکڻ بعد به مٿين ٻن شاعرن سان غزل رچڻ ۾ نٿو پڄي سگهي . وڌيڪ سک
اوهان جي ڀيڻ

پوپٽي هيراننداڻي

No comments:

Post a Comment